پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن جو نئون دور شروع ٿيو آهي. تازو ملڪ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بنگلاديش جو دورو ڪيو آهي، جتي هن بنگلاديش حڪومت جي سربراهه محمد يونس سان ملاقات ڪئي. انهيءَ دوري جو پسمنظر اڳوڻي بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت ختم ٿيڻ سان لاڳاپو رکي ٿو.
بنگلاديش پنهنجي قيام جي تاريخ کان وٺي ڀارت سان لاڳاپن ۾ اڳڀرو رهيو آهي. محمد يونس جي حڪومت جيڪا هڪ شاگرد تحريڪ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي، انهيءَ جي نتيجي ۾ بنگلاديشي حڪومت تي جماعت اسلامي بنگلاديش جو اثر رسوخ آهي. خطي ۾ بنگلاديش ۽ پاڪستان تعلقات جو نئون دور انهيءَ ڪري به شروع ٿيو آهي، جو سياسي ۽ سفارتي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي.
موجوده وقت ۾ ڀارت سياسي ۽ سفارتي طرح اڪيلو ٿيندو وڃي. پاڪستان جو بنگلاديش جي ويجهو ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته حالتون پاڪستان جي حق ۾ ٿي ويون آهن. لڳي ٿو ته چين به خطي ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو. انهيءَ پسمنظر ۾ پاڪستاني نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو دورو اهميت رکي ٿو. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇهن معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن.
جن ۾ بنگلاديش جي شاگردن لاءِ 500 اسڪالرشپن جو اعلان، 100 بنگلاديشي سول سرونٽس جي تربيت، سفارتڪارن ۽ حڪومتي اهلڪارن جي وچ ۾ ويزا ختم ڪرڻ جو معاهدو، ٻنهي ملڪن ۾ فارين سروسز اڪيڊميز ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي درميان تعاون جو معاهدو شامل آهن. انهيءَ کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپ، تعليم، توانائي ۽ صحت سميت ٻين شعبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش سرڪاري ۽ سفارتي پاسپورٽ رکندڙن لاءِ ويزا جو شرط ختم ڪري ڇڏيو آهي.
هتي اسين اها ڳالهه ضرور ڪنداسين ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات بهتر ٿيڻ گهرجن، جيڪي اسان جي ملڪ کي مستقبل جي لاءِ انتهائي اهم حيثيت رکن ٿا. ڇو جو بنگلاديش اسان جي وجود جو حصو رهي چڪو آهي ۽ ڪنهن وقت اهو پاڪستان جو وڏي آبادي وارو صوبو رهيو آهي، پر هاڻ تاريخ پنهنجو پاڻ کي بدلائي چڪي آهي. ٻئي ملڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ موجود آهن ۽ ٻنهي جون پنهنجيون پنهنجيون ترجيحون آهن.
حسينه واجد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿيڻ هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. ٻئي ملڪ اقتصادي، تجارتي ۽ سفارتي شعبن ۾ تعاون جي واڌ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هتي اها ڳالهه به ڪئي پئي وڃي ته اسانجو ملڪ بنگلاديش جي عام آبادي لاءِ ويزا فري ملڪ ٿي ويندو. بين الاقوامي معاملن جا ماهر چون ٿا ته حالتون اهڙيون آهن جو اهو وقت به پري ڪونهي، جڏهن ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ ويزا فري اينٽري هوندي. سابق سفارتڪار عبدالباسط وضاحت ڪئي ته هن وقت رڳو ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ رکندڙن لاءِ اها سهولت دستياب آهي، پر اميد ڪري سگهجي ٿي ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويزا فري معاهدي تي صحيحون به ٿي وينديون.
انهيءَ کانپوءِ عام شهري به سولائي سان بغير ويزا جي اچي وڃي سگهندا. اسانجي نظر ۾ اهڙو معاهدو پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي حق ۾ هرگز نه هوندو. ڇاڪاڻ جو ملڪ تي پنهنجي وڏي آبادي جو بار هڪ طرف آهي، ٻئي طرف برمي، بنگالي، بهاري ۽ افغان شهري گهڻي وقت کان ملڪ ۾ غير قانوني طور رهائش پذير آهن. جنهن جي ڪري اسانجي ملڪ جي وسيلن جي لُٽ ٿي رهي آهي. اسان جا پنهنجا نوجوان بيروزگار آهن، تڏهن به اسين لکين غير قانوني تارڪين وطن جو بار ڪلهن تي کنيو ويٺا آهيون.
سنڌ جو صوبو غير قانوني تارڪين وطن جو آماجگاهه رهيو آهي ۽ ڪراچيءَ تي انهن جي اک آهي. ڇاڪاڻ جو انهن کي پنهنجي ملڪن ۾ جيڪي ڏکيائيون آهن. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ انهن کي روزگار سولو مليو وڃي. نتيجي ۾ صوبي جي اصل ماڻهن جو حق مارجي وڃي ٿو. جڏهن بنگلاديش جي شهرين لاءِ پاڪستان ويزا فري ملڪ ٿيندو ته بنگلاديش ۾ آباد بهاري ڄڻ پهرئين ڏينهن ڪراچيءَ جو رخ ڪندا. بنگلاديش جي قيام کان ئي بهارين جي اها دعويٰ آهي ته اهي پاڪستاني آهن.
هتي اها ڳالهه ڪبي ته خطي جي سياسي صورتحال ۾ بنگلاديش سان تعلقات ۾ ويجهڙائيءَ جو خير مقدم ڪجي ٿو، پر پاليسي سازن کي انهيءَ ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪا نئين هم آهنگي پيدا ٿي آهي ۽ لاڳاپن جو نئون دور شروع ٿيو آهي. عام ماڻهن لاءِ ويزا فري آمدرفت جي سهولت شروع ڪرڻ سان انهن لاڳاپن کي نقصان رسندو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش لاڳاپا سياسي بحث هيٺ اچي ويندا. انهيءَ ڪري عام ماڻهوءَ لاءِ فري ويزا جي معاملي کي نه ڇيڙيو وڃي انهيءَ جي جاءِ تي سياحت، سيڙپ، واپار، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي يقيني بڻائجي ته جيئن ٻنهي ملڪن جا تعلقات ايندڙ سالن ۾ بهتري جي طرف وڃن ۽ جيڪي ماڻهو اچ وڃ ڪن انهن جو رڪارڊ حڪومت وٽ موجود هجي. انهن جي هر سرگرمي تي حڪومت جي نظر رهڻ گهرجي، جيڪا هن ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جي لاءِ تمام گهڻي ضروري آهي.