بيس لائين پينشن جو نفاذ: وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان سرڪاري ملازمن لاءِ پهرين جنوري 2025 کان “بيس لائين پنشن” لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته پهرين جولاءِ 2024 تي وصول ٿيندڙ پينشن کي بنيادي حد بندي قرار ڏنو ويندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 3 سالن تائين اهو بنياد رکيو ويندو ۽ افراطِ زر (ناڻي جي پکيڙ) هڪ اقتصادي اصطلاح آهي جنھن جو مطلب آهي شين جو مهانگو ٿيڻ ۽ پئسي جي خريداري جي طاقت گهٽجڻ. مثال طور: جيڪڏهن اڄ هڪ ڪلو چانور 100 رپين جا آهن ۽ سال کانپوءِ اهي 120 رپين جا ٿي وڃن ته 20% ناڻي جي پکيڙ ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ڪچو مال يا مزدوري مهانگي ٿي وڃي ٿي، شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون، عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ٿي وڃي ٿي، بچت جي قيمت گهٽجي وڃي ٿي. سرمائيدار طبقو ڪڏهن ڪڏهن فائدي ۾ رهي ٿو. غور ڪجي ته گذريل ٻن سالن جي سراسري (80%) جي حساب سان اضافو ڪيو ويندو. مثال: جيڪڏهن 2024 ۾ 18% ۽ 2025 ۾ 16% ناڻي جي پکيڙ ٿي ته سراسري 17% × 80% = 13.6% اضافو ٿيندو، يعني 150,000 جي بنيادي پنشن تي 20,400 رپين جو اضافو ٿيندو جيڪو پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندو. ان کان اڳ اهو اضافو هر سال بجيٽ ذريعي ڪيو ويندو هو؛ هاڻي اهو ٽن سالن بعد ئي نظرثاني ذريعي ڪيو ويندو. پهرين جولاءِ 2024 کانپوءِ ڀرتي ٿيل ملازمن کي پينشن يا گريجوئيٽي (پراڻي رليف) جي اهليت نه ملندي، پر ڊفائينڊ ڪنٽريبيوشن پينشن هڪ اهڙي اسڪيم آهي جنهن ۾ ملازم ۽ حڪومت ٻئي باقاعده طور تي ماهوار رقم (ڪنٽريبيوشن) جمع ڪرائين ٿا، جيڪا رٽائرمينٽ کانپوءِ پينشن جي صورت ۾ ملازم کي ڏني وڃي ٿي. جيڪا 2024 کان لاڳو ڪئي وئي، جنهن ۾ ملازم ۽ حڪومت ڌار ڌار ادا ڪندا ۽ هڪ ٻه وقتي والنٽري گولڊن شيڪ يا هينڊ شيڪ (Leave encashment) اها رقم آهي جيڪا ملازم کي نه ورتل موڪلن جي بدلي ۾ ڏني ويندي آهي، عام طور تي نوڪري ڇڏڻ يا رٽائرمينٽ وقت فائدو حاصل ٿيندو. سنڌ سول سرونٽس ايڪٽ ۾ ترميم: سنڌ اسيمبليءَ 20 سيپٽمبر 2024 تي اهڙو قانون منظور ڪيو، جنهن تحت پھرئين جولاءِ 2024 کان اڳ ڀرتي ٿيل ملازمن لاءِ پراڻو پينشن نظام رهندو ۽ بعد ۾ ڀرتي ٿيلن لاءِ نئون ڪنٽريبيوشن نظام بنياد فراهم ڪندو. ماهرن جي لکيل مضمونن مان اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته حڪومت جي خرچن ۾ بچت ۽ ملازمن ۾ 2015 کان 2019 دوران مخصوص ڪيل خرچن ۾ سرڪاري ملازمن سان وابسته خرچن ۾ 15% اضافو ٿيو، جڏهن ته مجموعي ڪرنٽ کاتي جو خرچ 18% وڌيو. پينشن ۾ پڻ 30% تائين اضافو رڪارڊ ٿيو، پر نئين نظام سان انهن ۾ گهٽتائي متوقع آهي، پر سرڪاري ماهر چون ٿا ته نئون نظام پينشن بل کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻئي پاسي سرڪاري ملازمن جون تنظيمون توڙي رٽائرڊ ملاز نئين بيس لائين پينشن فارمولا تي اعتراض رکن ٿا، ڇو ته گڏيل واڌ کي سالانه نه، پر ٽن سالن کانپوءِ ادائگي ٿئي ٿي. ناڻي جي پکيڙ جو صرف 80٪ شامل ڪري ٿو، هڪ ئي وقت ٻن جاين تان پينشن حاصل ڪرڻ جو حق ختم ڪري ٿو، آخر ۾ ورتل پگهار جي بجاءِ 2 سالن جي سراسري حساب ڪري ٿو، جيڪا عام طور گهٽ ٿيندي آهي. آل گورنمينٽ ايمپلائيز گرانڊ الائنس جهڙا اتحاد احتجاج ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جن جا مطالبا آهن ته پينشن ۽ پگهار ۾ واڌ ڏني وڃي، هڪ ئي وقت ٻن جاين تان پينشن کڻڻ جي حق کي بحال ڪيو وڃي. معذوري الائونس ۾ 10٪ اضافو ٿيڻ گهرجي، يعني هي الائونس هڪ مالي مدد آهي، جيڪا معذور ماڻهن کي ڏني ويندي آهي ته جيئن هو پنهنجون روزمره جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. معذور ماڻهن جو چوڻ آهي ته پارليامان ۾ ويٺل سياستدانن کي ساليانو 900 سيڪڙو اضافو ملي رهيو آهي. عوام جو به حق آهي ته انهن کي ڪنهن به معذوري جي صورت ۾ 10 سيڪڙو اضافو ملڻ گهرجي.