سي آءِ اي 1998 ۾ ڪينيا ۽ تنزانيا کي آمريڪي ايمبيسي تي حملي ۾ ملوث قرار ڏنو ۽ انهن کي پردي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ڊگهي پلاننگ ڪري سگهجي ۽ انهن جي خلاف ثبوت گڏ ڪري انهن تي حملي جو جواز پيدا ڪري سگهجي، پر ان سموري پلاننگ پٺيان رڳو مسلمان جي ”ڪاز“ ۽ مسلمانن جي عزت، آبرو، بزنس، تعليم، ترقي ۽ ائين چئون ته مغربي رجحانن جي داوَ تي لڳي ويا ۽ مسلمان ڄڻ انهن مغربي ملڪن ۾ وڃي ڦاٿا ۽ انهن مان جان ڇڏائڻ ڏکي ٿي پئي، انهن مغربي ملڪن ۾ مسلمانن جي گهرن تي ڇاپا لڳڻ شروع ٿي ويا ۽ ڪيترائي مسلمان شڪ جي بنياد تي گرفتار به ٿيا ۽ ڪيترائي ”ڊي پورٽ“ به ٿيا. آمريڪا جو مقصد اهو هو ته اها مسلمانن جي وڌندڙ تبليغ کي روڪي، وري ٻيو سبب اهو به هو ته 1974 ۾ ڀارت جي ايٽمي ڌماڪي آمريڪا جون ننڊون نه ڦٽايون، پر 28 مئي 1998 واري پاڪستاني ايٽمي طاقت آمريڪا جو اکيون کولي ڇڏيون ۽ ايران ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءُ به سي آءِ اي کي جاڳائي ڇڏيو، هوڏانهن وري اتر ڪوريا ۽ چين جي وٺ پڪڙ به ان ڳالھ کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو ته آمريڪا سي آءِ اي کي وڌيڪ متحرڪ ڪري ۽ پنهنجا عزائم ظاهر ڪري.
سي آءِ اي، موساد ۽ را جي پلاننگ ۾ سدائين اها ڳالھ به شامل رهي آهي ته اهي هر خطي ۾ مذهبي ۽ لساني گروهن جي پٺڀرائي ڪن، اتي مذهبي جنون جو ڦهلاءُ ڪن، اتي لساني گروھ پيدا ڪري سگهن ته جيئن ماڻهن ۾ رياست جي خلاف نفرت جو عنصر جوڙي سگهجي ۽ انهن جي پاڻ ۾ گهرو ويڙھ ممڪن ڪري سگهجي. افراتفري وڌي وڃي، ماڻهن ۾ لوڪل تحريڪون جنم وٺن، رياست مخالف اتحاد جڙي پون، جيئن هاڻي ڪي پي ۾ آهي، بلوچن جون تحريڪون ان ڳالھ جو واضح ثبوت آهن ته آمريڪا جا ڪم ۽ انهن جي نيت ڪهڙي آهي ۽ آمريڪا آخر ڇا ٿو چاهي، پر انهن سڀني حرفتن ۽ ڳالهين پويان رڳو ”سپر پاوريءَ“ جي آبياري ضرور آهي نه ته ٻيا ملڪ آمريڪا کي پوئتي ڇڏي ڏين ۽ آمريڪا جي بلي بلي ختم ٿي وڃي ۽ ٻيا ملڪ جيئن روس، چين، فرانس، جرمني، جاپان ۽ پاڻ برطانيا هن کان اڳ کٽي وڃن، ان ڪري جو ٻولين ۽ مذهبي گروهن جي فرقيواريت جي ڪري ايجنسين جي لڙائي واري راند رچائڻ لاءِ هن خطي ۾ ايجسنين وٽ تمام گهڻو مواد هجي ٿو. ماڻهن ۾ انهن جي حقن ۽ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ، انهن جي معدني وسيلن تي رياست جي غلبي ۽ قبضي جي ڳالھ انهن جي دماغ ۾ ويهاري اها ڳالھ پختي ڪئي ٿي وڃي ته اهي ماڻهو مذهبي، لساني ۽ گروهي سياست جي ڪري پاڻ ۾ وڙهي مرندا ۽ ڪمزور ترين به ثابت ٿيندا وڃن ۽ رياست پاڻ تماشائي بڻجي. آمريڪا جنهن طريقي سان مسلمانن جي وچ ۾ هرو ڀرو جو سيميٽزم (سيهوني ۽ زايونسٽ قوتون) جي ڳالھ جا بهانا ڳولهي انهن جي خلاف حملن جا بهانا ڳولهيندي رهي ٿي جيڪا انساني حقن جي منافي به آهي. آمريڪا کي اها به ڳڻتي آهي ته دنيا جي نقشي تي جنهن رفتار سان مذهبي تنظيمون تبليغون ڪري ملائيت ۽ انتهاپسندي ڦهلائين پيون، انهن کي ڪنهن صورت ٻنجو ڏجي، نه ته ٻي صورت ۾ اهي دنيا ۾ وري اڀري ايندا ۽ سيهوني ۽ زايونسٽ طاقتون وري دنيا مان نيست ۽ نابود ٿي وينديون. ان ڪري اهو ضروري آهي ته مسلمانن کي هر صورت خوار خراب ڪجي ۽ انهن جي لوڪل ايجسنين جي هٿئون انهن ۾ ئي نفرتون وڌائي مذهبي ۽ لساني گروهي سياست کي وڌائجي ۽ دنيا کي به ڪري ڏيکارجي ته سيهوني ۽ زايونسٽ طاقتون ڪنهن ڪم جون آهن ۽ آهي، پر امن رهي به گهڻو ڪجھ ڪري سگهن ٿيون ان ڪري ته دنيا جي وڏين خونريزين ۽ مها جنگين ۾ مسلمان ملوث ناهن رهيا پوءِ اها هنڊريڊ ايئرس آف وار هجي يا پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي هجي يا هاڻي نائين اليون کانپوءِ طالبان جي بهاني ايشيائي ملڪن ۾ خونريزي هجي يا فلسطين تي بمباري هجي اهي سڀ مغربي هٿيارن سان شڪار ٿيندا رهن ٿا جن جو تدارڪ ناهي.
اها ٻي ڳالھ آهي ته 1842 جي دوران افغانستان واري جنگ ۾ 17 هزار برطانيا جا باشندا ماريا ويا هئا، جن ۾ مرد، عورتون، ٻار، ٻڍا به شامل هئا. 1980 دوران طالبان کي سي آءِ اي سان گڏ لوڪل ايجنسين ۽ ڪجھ بين الاقوامي ايجنسين جي به سپورٽ حاصل هئي. انهن طالبان ٽائپ مجاهدن کي خاص تربيت به ڏني هئي، جنهن ۾ اهي سڀ ڪم ڪري سگهن جيڪي ڊڪٽيشن انهن کي انهن ايجنسين جي طرفان ملي ۽ بي تحاشا بين الاقوامي امدادون به طالبان جهڙين قوتن کي پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ رياست سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ هر گهڙيءَ جنگ لاءِ ترت سامان به مهيا ڪنديون هيون (۽ ڪنديون رهن ٿيون) ان ڪري اهي هردم سي آءِ اي سميت موساد ۽ را جي اشاري جا منتظر هوندا آهن ته انهن جي اک جي اشاري ۽ هٿ جي آڱر ڪاڏي ٿي وڃي ته اهي به ان پاسي ليٽ ڪري ويندا آهن، جنهن ۾ پوءِ اهي انهن رياستن جي عسڪري ادارن سان به ويڙھ لاهي ٿا ويهن. حيرت اها به هوندي آهي ته انهن عسڪري ادارن جي سامهون انهن طالبان کي ايتري تربيت ۽ سکيا حاصل هوندي آهي، جنهن ۾ اهي عسڪري ادارن جي ڪرنلن ۽ آفيسرن کي به ليٽائي وجهندا آهن ۽ ڳڻتي اها به هوندي آهي ته اهي پوءِ عسڪري ادارا به آڻ مڃي ويهندا آهن، پر طالبان ٽائپ مجاهد اڳ کان اڳرا هوندا آهن ۽ اهي هار ناهن مڃيندا، مسلسل انهن کي اهڙيون قوتون سپورٽ ڪنديون رهنديون آهن جتي اهي جديد هٿيار به استعمال ڪرڻ سکي ويندا آهن ۽ عسڪري ادارا پاڻ پريشان هوندا آهن ته هاڻي ڇا ڪجي، آپريش ردالفساد ڪجي، آپريشن ضربِ عضب ڪجي يا هاڻي آپريشن عزم استحڪام ڪجي جنهن جي لاءِ هاڻي انهن کي ايتري طاقتور ڌمڪي ملي ته اهي ڪي پي جي ڪنهن به شهر ۾ آپريشن نه ڪندا ۽ ٽارگيٽ ڪري ڪنهن کي به مارين ته ڀلي مارين، پر ڳوٺ ۽ شهر خالي ڪري يا انهن جا ڪڙا چاڙهي ڪنهن به قسم جي آپريشن جي هاڻي انهن عسڪري ادارن کي اجازت ملڻ واري ناهي.
ماضي ۾ جيئن احمد شاھ مسعود کي سوويت يونين جي سپورٽ حاصل هئي ۽ ايجنسين جي اشاري تي اساما بن لادن کي زوريءَ طالبان جي گروهن ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي طالبان جي تحريڪن کي وڏي سزا ملي، جيڪا ابتو وري رياستن کي ڀوڳڻي پئي ۽ انهن جي امدادن، بين الاقوامي سپورٽ، پئسي ۽ بدنامي ۾ گھڻو عمل دخل رهيو. اها ٻي فنامانا هئي ته اساما بن لادن کي طالبان جي ڪئمپن ۾ تربيت به ملي، هو احمد شاھ مسود جي گروهن سان وڙهيو به، پر اهو جواز رڳو سي آءِ اي جو هو ته هو ماضيءَ ۾ طالبان کي حرام جا کارايل ڊالر ٻاهر ڪڍي سگهن يا ڪڍرائي سگهن يا ڪنهن طرح يا ڪنهن بهاني اوڳاڙي ڪن، ايجنسيون ۽ طالبان پوءِ پاڻ هڙتو ڪا روايتي نمڪ حرامي ڪن جيڪا ٻي ڳالھ آهي. اتي لوڪل ايجنسين ۽ بين الاقوامي قوتن جي اها زبردست چال ۽ تنگ نظري به هوندي هئي (۽ آهي) جو هنن ”ٽون ٽاور“ تي پاڻ حملو ڪرايو، اساما بن لادن کي چالاڪي سان طالبان جي ڪيمپن ۾ زوريءَ يا فرضي ٽريننگ ڪرائي، مسلمانن کي خوار خراب ڪرڻ جو ٺيڪو کڻائي ڇڏيو هو. ڇو ته 1980 کان طالبان کي ٽريننگ ڏيڻ مان مراد رڳو روس جي تڏا ويڙھ ڪرائڻي هئي، جنهن جي ڪري روس جي چنبي مان 6 اسلامي رياستن کي ڇڏائڻ هو، بس. اتي اهو به نه هو ته ڪو لوڪل ايجنسيون مسلمانن جي حق ۾ هيون يا آمريڪي ايجنسيون روس مان اسلامي رياستون ٽوڙي مسلمانن کي خوار ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا، پر ايجنسيون ته اهو چاهين پيون ته روس کي ٽوڙي ان جي مڳي ۽ غرور کي ذريون ذريون ڪري ڇڏجي ۽ دنيا کي ڏيکاري ته روس ڪجھ به ناهي. وري ساڳي جاءِ تي سي آءِ اي طالبان کي 2001 واري سيپٽمبر جي سانحي ۾ معنيٰ نائين اليون ۾ زوريءَ ڦاسائي خوار ڪيو. اها ڳالھ به واضح آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فائرنگ، خوني ريزي ۽ ڏينهن ڏٺي هٿيارن جي زور تي آمريڪا ۾ ويڙهاند ٿيندي رهندي آهي جنهن جا ثبوت هاڻي به وٺي سگهجن ٿا. ڇو ته دنيا جي طاقتور ملڪن ۾ پاڻ امن اڻلڀ آهي. ان سموري پس منظر ۾ اها ڳالھ نه وسرڻ گهرجي ته بنگلاديش جي ٺهڻ يا ٺاهڻ ۾ جيتري را ملوث هئي اوتري ئي سي آءِ اي به هئي، ڇو ته سي آءِ اي ڀارت سان سدائين ٻٽ هوندي آهي ۽ هاڻي به را ۽ سي آءِ اي ٻئي هڪ پيج تي آهن اهي جيڪي چاهين اهي ڪري سگهن ٿيون يا خاص اسلامي رياستن سان ته انهن جي ازلي دشمني آهي اهي سدائين اسلامو فوبيا ۽ سيميٽزم کي بهانو بڻائي پنهنجا اصل مقصد پورا ڪندا رهن ٿا، جنهن دانهن ۽ ڪوڪ ايشيائي ملڪن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ٿيندي رهي ٿي جنهن جو تازو مثال شيخ حسينه واجد جي تختي کي اونڌي ڪرڻ مان وٺي سگهجي ٿو ته سي آءِ اي سدائين لوڪل ماڻهن جا درد ميڙي رياست کي ڪمزور ڪرڻ چاهيو آهي ۽ هاڻي به ساڳي راند جاري آهي ته جيڪي به ماڻهو لساني گروهن ۽ مذهبي نفرتن جي ور چڙهيل آهن اهي آسانيءَ سان شڪار ٿي ٿا وڃن.