اڄ وري موت لامارا ڏيندو سنڌ جي سورن جا گيت لکندڙ ارڏو ۽ بيباڪ انسان گدا خاصخيلي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو ۽ ھڪ عظيم دور جي پڄاڻي ٿي ويئي۔ سنڌ جا نصيب ئي خراب آهن جو علمي ۽ ادبي شخصيتن جي ڀلائيءَ لاءِ قائم ڪيل ادارا به ڪو لاڀ نه پيا ڏين ۽ ان اوسيئڙي ۾ آهن ته ڪڏهن ٿو مٿن موت جو فرشتو اچي۔ سنڌ جو قومي شاعر گدا خاصخيلي به مسلسل بيماريءَ جي بستري تي سمهي سمهي نيٺ ابدي ننڊ ۾ هليو ويو ۽ سندس جھيڻو آواز هميشه لاءِ بند ٿي ويو۔ پاڻ غربت سبب پنهنجي بيماريءَ جو علاج به نه ڪرائي سگهيو۔ جڏهن کيس ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو ته ڊاڪٽرن کيس بيماريءَ جي آخري حد ٻڌائيندي وڌيڪ مايوس ڪري ڇڏيو ۽ مجبور ٿي سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ آندو ويو جتي ٽن ڏينهن تائين ڪوما واري حالت ۾ رهيو ۽ سندس وارث توڙي سندس همدرد مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهيا توڙي جو ڊاڪٽرن کيس نوابشاهه ريفر ڪيو، پر انهن غربت سبب ريفر ٿيڻ کان به انڪار ڪيو۔ هاءِ غربت!!! زندگي ۽ موت الله جي ھٿ ۾ آهن ۽ هڪ ڏينهن موت جو مقرر آهي پر انسان کي همت نه هارڻ گهرجي ۽ پنهنجي وس آهر علاج ڪرائجي ڇو ته شفا مالڪ جي هٿ ۾ آهي۔
قومي شاعر گدا خاصخيلي جو آستانو ماضي ۾ قومي ڪچھرين جو مرڪز رھيو هو، راشد مورائي حافظ خاصخيلي نماڻو سنڌي ادريس جتوئي، سائين حيدري، ڪامريڊ ھاشم، تاج جويو مولا بخش ٻرڙي سميت ڪيترائي قومي ڪارڪن ساڻس ڪچهريون ڪندي قومي تحريڪ ۾ نئون ساهه ڦوڪيندا هئا وقت ۽ حالتن سڀني کي ڌار ڪري ڇڏيو۔ بقول گدا جي:
خبر ناهي سڀاڻي جو سج ڪو ڏسي نه ڏسي،
وڇوڙو اوچتو ويندو آ واردات ڪري۔۔۔۔!!!
گدا خاصخيلي جي وڇوڙي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر ڪو اهو پيو چوي ته اسان پنهنجي قومي سرمائي کي پنهنجي اکين سان ضايع ٿيندو ڏسي به ڪجهه ڪرڻ جي قابل ڪونه آهيون اسان جا قومي هيرو ائين بي ڪفن ٿي موت جي منهن ۾ ويندا رهندا۔ سرڪار کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙن اديبن ۽ قلمڪارن لاءِ مخصوص فنڊ رکڻ گهرجن جيڪي غربت جي باوجود پنهنجو قومي فرض نڀائي رهيا آهن۔ اسان ڪونه ٿا چئون ته ڪنهن قلمڪارن کي موت کان بچايو، پر ايترو ضرور چئون ٿا ته قلمڪارن جو قدر ڪريو ۽ کين موت جي منهن ۾ نه ڏيو موت فطري عمل آھي ان کي هر حال ۾ قبول ڪجي ٿو، پر سرڪار جا صدما وقت کان اڳ ماري وجهندا آهن۔ گدا خاصخيلي جهڙا قومي فڪر سان لاڳاپيل شاعر وري وري موٽي ناهن ايندا، توڙي جو گدا خاصخيلي گهڻو پڙهيل نه هو۔ سندس جنم 5 مئي 1948ع ۾ ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي لڳ نوان جتوئي ۾ ٿيو۔ پاڻ توڙي جو پرائمريءَ جا ٻه يا ٽي درجا پاس هو، پر علمي، عقلي ۽ فڪري حوالي سان گھڻن پڙھيل لکيل کان زور هو۔ پاڻ پيشي جي لحاظ کان رازو هو۔ گدا کي شاعري ورثي ۾ مليل هئي سندس والد، فقير رمز علي خاصخيلي بهترين سگهڙ ۽ فنڪار به هو۔ ان کان سواءِ ديدار فقير پڻ سندس آستاني تي اڪثر ايندو هو جنهن کي گدا خاصخيلي پنھنجو استاد سڏيندو هو، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن گدا جي قومي فڪر ۽ شاعري ۾ وڏي جدت آندي۔ پاڻ بحر ۽ وزن جو وڏو ڄاڻو شاعر هو سندس شاعريءَ جو ڪتاب “امن منھنجو ترانو آ” ڇپجي چڪو آهي جڏهن ته کوڙ سارو اڻڇپيل مواد پڻ موجود اٿس۔ ان کانسواءِ راڳ جي به کيس سٺي ڄاڻ هوندي هئي ۽ ڳوٺ توڙي آسپاس شادين ۾ پڻ راڳ ڳائيندو هو، جڏهن ته علائقي ۾ قومي شعور پکيڙڻ ۾ پڻ گدا جو اھم ڪردار رھيو آھي۔ گدا ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ۾ بيهي ديس جي درد ڀري دانهن ڏيندي چوي ٿو۔
سموري ڀونءِ ڀيلاڙو، رليل پيرن جا ڇورا ڏس،
ڪي پنھنجي ذات جا سيد سڳورا ڏس۔۔۔!
پراڊو تي چڙھي ھليا پنڻ لاءِ، ۽ مريدياڻيون تڪڻ لاءِ،
او ڀٽائي عالم برزخ جي مسند تان لھي،
اچ ديس پنھنجي تي ڪھي۔۔۔۔!
گدا جو مشهور هي نظم ڪيڏو نه معنيٰ خيز آهي ۽ دل چوي ٿي ان کي وري وري پڙهجي.
اسانجو روح آ راڳي، اسانجو روح ويراڳي
اسان جا درد لوڙائو، اسانجي ڪُوڪ ڪوهياري
اسانجي ٽهڪ ۽ اوڇنگار ۾، هو ٺاٺ جي ٺُمري
اسانجي فڪر ۾ وادي ۽ سوادي جو سنگم آ
اسان جي سوچ ۾ پورو سڄو سبتڪ سمايل آ
اسان جي ساهه جي اچ وڃ به آ روهي ۽ امروهي
اسان وٽ رقص روميءَ جو، اسان وٽ رقص هوشو آ
اسان جي جاڳ ۾ گهُنگهرو، اسان جي ننڊ ناچو آ
رسالو شاهه جو هڪ هٿ، ٻئي هٿ ۾ تنبورو آ
سندس جا بيت ۽ وايون، امانت آيتون آهن
اسان وٽ جهوڪ جو گيڙو، درازا جي گهڙولي آ
رڌم ۾ زندگي آهي، رڌم رڳ رڳ سامايل آ
اسان لئه تار کان ڀُلجي، ڪڏهن ٻاهر ويا ناهيون
اسانجون نيتون ڪومل، اسان جا حوصلا تيور
اسان جي گفتگو ۾ تان ۽ پلٽي جي خوشبو آ
اسان جي جاڳ ۾ گهنگهرو، اسان جي ننڊ ناچو آ
گدا جي هنن سٽن ۾ پنهنجي محبوب لاءِ ڪيڏي نه محبت سمايل آهي جو ارڏايون ڪرڻ واري معشوق کي به مٿانهون ڀانئي ساڻس محبت وارو رشتو نڀائيندي چوي ٿو ته:
اسان جي سيني تي ويھي آرام فرمايو،
اسان جو سينو ڀٽائي جي صحن جھڙو آ۔
اهڙي درياهه دل انسان جو اسان قدر نه ڪيو ۽ کيس لاوارث سمجهي اڪيلو ڇڏي ڏنو۔ ڌرتي جي عشق سان سرشار گدا اڄ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي اهڙو خال پيدا ڪري ويو جيڪو صدين تائين به ڀرجي نه سگهندو. سندس مزاحمتي شاعري سنڌ جي انقلاب لاءِ آئينو ثابت ٿيندي، کيس لاکيڻي لطيف جون هي سٽون ارپيان ٿو: