هن رياست جي صوابديد آهي ته پنهنجي مرضي مطابق جڏهن به چاهي ته اها آئين ۽ قانون ۾ گهربل ضروري ۽ غير ضروري ترميمون ڪري سگهي ٿي. عوام ۾ هڪ قسم جو تيش آهي ته هي رياست ماڻهن جي مٿان شخصي تسلط وڌائڻ ٿي چاهي، هي رياست جا عملبردار چاهين ٿا ته انهن جي ڪرسي کي وقت ملي ۽ اهي جنهن ڪرسي تي ويٺا آهن انهن جي اها ڪرسي جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ نه کلي، پر انهن اڳواڻن جي ڪال ڪوٺڙي جي دري ڪنهن به صورت اقتدار جي ايوان ۾ نه کلي. ان ڪري ته اک ٻوٽ جيڪا گذريل چاليهن سالن کان هن رياست ۾ رائج آهي جيڪا ڪرسي جي راند رچائي وئي آهي سا هلندي هلي ۽ ڪڏهن ختم نه ٿئي، هي اقتداري علمبردرا چاهين ٿا ته آئين ڪا ڪلچ پليٽ آهي جنهن جو گيئر مٽائي مٽائي اقتدار جي گاڏي گيڙي سگهجي ٿي ان ڪري آئيني پيچيدگيون ۽ ور وڪڙ عام عوام جي وس جي ڳالھ ناهي ان ۾ ڀلي عمران پنهنجي دور ۾ 39 بل رات پيٽ ۾ پيش ۽ پاس ڪرائي ته ويو، پر پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو به هڻي ويو. بهرحال آئين ادارن ۽ اقتداري ماڻهن جي مٿان هڪ سماجي ۽ اخلاقي معاهدو به طئي ٿو ڪري ته اهي جيڪي به ڪم ڪندا ان ۾ سڀ کان پهرين عوام جي بهتري ڳالھ عيان ۽ سڀ کان مٿي هوندي جنهن مان عام ماڻهن جي ڀلائي ممڪن هجي، پر هتي آئين ۽ قانون کي سياري جي باھ ڪري ڇڏيو اٿن ۽ سمجهن ٿا ته جيڪي به مسئلا جڏهن آئين ۽ قانون جي صورت وزيرن جي ڳچيءَ ۾ پوندا تڏهن اهي نيب جي قانون کان وٺي آئيني عدالتن تائين جا مسئلا ائين ڪري حل ڪندا جيئن اهي انهن جا پنهنجا ذاتي مسئلا هجن.