بلاگنئون

مقبوضه ڪشمير ۾ 25 ڪتابن تي پابندي علمي آزاديءَ تي نئون وار

8 آگسٽ 2025 تي اها خبر عالمي ۽ مقامي ميڊيا ۾ وڏي تيزيءَ سان پکڙجي وئي ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ 25 اهم ڪتابن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔ اهي ڪتاب ارونڌتي راءِ، اي جي نوراني، سمنتره بوس، حفصه ڪنڄوال ۽ ٻين عالمي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪن جا لکيل آهن۔ ڀارتي حڪومت جو موقف آهي ته اهي ڪتاب الڳ ٿيڻ جي سوچ کي هٿي ڏين ٿا، غلط نقشا پيش ڪن ٿا ۽ سلامتي ادارن کي بدنام ڪن ٿا، جنهن سان نوجوانن ۾ “ملڪي سلامتيءَ خلاف” جذبا پيدا ٿين ٿا۔

پابندي وارو فرمان 5 آگسٽ 2025 تي ڀارتي حڪومت پاران جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ آرٽيڪل 370 ۽ 35A  جي خاتمي جي ڇهين ورسيءَ جو ڏينهن ھو۔ سياسي ماهرن موجب، هي تاريخ چونڊڻ محض اتفاق ناهي، بلڪه هڪ علامتي سياسي پيغام آهي ته حڪومت ڪشمير ۾ هر مخالف آواز کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت ترين قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي۔

پابندي هيٺ آيل ڪتاب:

Human Rights Violation in Kashmir (پيوتر بالسرووچز، اگنيشڪا ڪشيزووسڪا).

Kashmiris’ Fight for Freedom (محمد يوسف صراف).

Colonizing Kashmir: State-building Under Indian Occupation (حفصه ڪنڄوال).

Kashmir Politics and Plebiscite (ڊاڪٽر عبدالجبار گوڪهامي).

Do You Remember Kunan-Poshpora (ايسر بٽول ۽ ساٿي).

Mujahid Ki Azaan (بنهه).

Al Jihadul fil Islam (مولانا مودودي).

Independent Kashmir (ڪرسٽوفر سنيڊن).

Resisting Occupation in Kashmir (هيلي ڊشچنسڪي، مونا ڀن، آثر ضياءَ، سنتھيا محمود).

Between Democracy and Nation (سيما قاضي).

Contested Lands (سمنتره بوس).

In Search of a Future (ڊيولڊ ڊيواڊاس).

Kashmir in Conflict (وڪٽوريا اسڪوفيلڊ).

The Kashmir Dispute (اي جي نوراني).

Kashmir at the Crossroads (سمنتره بوس).

A Dismantled State (انو رادها ڀاسين).

Resisting Disappearance (آثر ضياءَ).

Confronting Terrorism (اسٽيڦن پي ڪوهن، ايڊيٽر ماروف رضا).

Freedom in Captivity (رادھڪا گپتا).

Kashmir (The Case of Freedom) (طارق علي، هلال ڀٽ، انگنا پي چاٽرجه، پنڪج مشرا، ارونڌتي راءِ).

Azadi (ارونڌتي راءِ).

USA and Kashmir (ڊاڪٽر شمشاد شان).

Law & Conflict Resolution in Kashmir (پيوتر بالسرووچز، اگنيشڪا ڪشيزووسڪا).

Tarikh-i-Siyasat (ڊاڪٽر آفاق عزيز).

Kashmir & The Future Of South Asia (سوگتا بوس، عائشه جلال)۔

پابندي ڀارتي “نيشنل سيڪيورٽي ايڪٽ 2023” جي سيڪشن 98 ۽ “ڀارتي نيايا سنهتا 2023” جي شقن 152، 196 ۽ 197 تحت لاڳو ڪئي وئي آهي. حڪومتي دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڪتاب “ملڪ جي وحدت، سلامتي ۽ خود مختياريءَ لاءِ خطرو آهن” ۽ “دهشتگرديءَ کي نظرياتي جواز فراهم ڪن ٿا” ڪشمير ۾ فڪري آزاديءَ تي پابندين جو سلسلو نئون ناهي۔ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ به ڪيتريون ئي مقامي اخبارون بند ڪيون ويون ۽ ڪيترائي صحافي گرفتار ٿيا۔ 2019ع ۾ آرٽيڪل 370 ختم ٿيڻ کانپوءِ سينسرشپ ۽ ميڊيا تي دٻاءُ وڌيڪ وڌيو، پر ڪتابن تي ايتري وڏي پيماني تي پابندي پهريون ڀيرو لڳائي وئي آهي، جيڪا علمي حلقن ۾ گهڻي ڳڻتي پيدا ڪري رهي آهي۔ مقامي استاد ۽ ليکڪ شڪايت ڪن ٿا ته هاڻي يونيورسٽيءَ جي لائبريرين ۾ به ڪتابن جي فهرست سرڪاري نگراني هيٺ هوندي. انساني حقن جي تنظيمن “ايمنسٽي انٽرنيشنل” ۽ “هيومن رائيٽس واچ” هن فيصلي کي راءِ جي اظهار تي سڌو حملو قرار ڏنو آهي۔ آمريڪي اخبار “واشنگٽن پوسٽ” هن کي “ڪشمير ۾ فڪر جي آزاديءَ جي نئين قبر” سڏيو۔ برطانوي ليکڪن جي ايسوسيئيشن به هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته “علم کي بند ڪرڻ سان نه ته حقيقت بدلجندي ۽ نه ئي اختلاف ختم ٿيندا.”

انهيءَ عمل سان نوجوانن ۾ متبادل ذريعن ذريعي اهي ڪتاب ڳولهڻ جو رجحان وڌي سگهي ٿو، جنهن سان آن لائين غير قانوني مواد جي رسائي وڌندي۔ مقامي ۽ عالمي ليکڪ ڀارتي مارڪيٽ ۾ پنهنجو ڪم ڇپائڻ کان پاسو ڪري سگهن ٿا۔ اهڙين پابندين سان رياست شايد ڪجهه وقت لاءِ معلومات تي ضابطو حاصل ڪري وٺي، پر ڊجيٽل دور ۾ علم کي مڪمل طور بند ڪرڻ ناممڪن آهي۔ ان جي ابتڙ، اهڙا قدم اڪثر ڪري پابندي ٿيل مواد جي اهميت ۽ مقبوليت وڌائين ٿا۔ ڪشمير جهڙي سياسي طور حساس علائقي ۾، فڪر کي بند ڪرڻ بدران مڪالمو ۽ تحقيق ئي واحد پائيدار رستو آهي.

***