Kashmir (The Case of Freedom) (طارق علي، هلال ڀٽ، انگنا پي چاٽرجه، پنڪج مشرا، ارونڌتي راءِ).
Azadi (ارونڌتي راءِ).
USA and Kashmir (ڊاڪٽر شمشاد شان).
Law & Conflict Resolution in Kashmir (پيوتر بالسرووچز، اگنيشڪا ڪشيزووسڪا).
Tarikh-i-Siyasat (ڊاڪٽر آفاق عزيز).
Kashmir & The Future Of South Asia (سوگتا بوس، عائشه جلال)۔
پابندي ڀارتي “نيشنل سيڪيورٽي ايڪٽ 2023” جي سيڪشن 98 ۽ “ڀارتي نيايا سنهتا 2023” جي شقن 152، 196 ۽ 197 تحت لاڳو ڪئي وئي آهي. حڪومتي دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڪتاب “ملڪ جي وحدت، سلامتي ۽ خود مختياريءَ لاءِ خطرو آهن” ۽ “دهشتگرديءَ کي نظرياتي جواز فراهم ڪن ٿا” ڪشمير ۾ فڪري آزاديءَ تي پابندين جو سلسلو نئون ناهي۔ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ به ڪيتريون ئي مقامي اخبارون بند ڪيون ويون ۽ ڪيترائي صحافي گرفتار ٿيا۔ 2019ع ۾ آرٽيڪل 370 ختم ٿيڻ کانپوءِ سينسرشپ ۽ ميڊيا تي دٻاءُ وڌيڪ وڌيو، پر ڪتابن تي ايتري وڏي پيماني تي پابندي پهريون ڀيرو لڳائي وئي آهي، جيڪا علمي حلقن ۾ گهڻي ڳڻتي پيدا ڪري رهي آهي۔ مقامي استاد ۽ ليکڪ شڪايت ڪن ٿا ته هاڻي يونيورسٽيءَ جي لائبريرين ۾ به ڪتابن جي فهرست سرڪاري نگراني هيٺ هوندي. انساني حقن جي تنظيمن “ايمنسٽي انٽرنيشنل” ۽ “هيومن رائيٽس واچ” هن فيصلي کي راءِ جي اظهار تي سڌو حملو قرار ڏنو آهي۔ آمريڪي اخبار “واشنگٽن پوسٽ” هن کي “ڪشمير ۾ فڪر جي آزاديءَ جي نئين قبر” سڏيو۔ برطانوي ليکڪن جي ايسوسيئيشن به هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته “علم کي بند ڪرڻ سان نه ته حقيقت بدلجندي ۽ نه ئي اختلاف ختم ٿيندا.”
انهيءَ عمل سان نوجوانن ۾ متبادل ذريعن ذريعي اهي ڪتاب ڳولهڻ جو رجحان وڌي سگهي ٿو، جنهن سان آن لائين غير قانوني مواد جي رسائي وڌندي۔ مقامي ۽ عالمي ليکڪ ڀارتي مارڪيٽ ۾ پنهنجو ڪم ڇپائڻ کان پاسو ڪري سگهن ٿا۔ اهڙين پابندين سان رياست شايد ڪجهه وقت لاءِ معلومات تي ضابطو حاصل ڪري وٺي، پر ڊجيٽل دور ۾ علم کي مڪمل طور بند ڪرڻ ناممڪن آهي۔ ان جي ابتڙ، اهڙا قدم اڪثر ڪري پابندي ٿيل مواد جي اهميت ۽ مقبوليت وڌائين ٿا۔ ڪشمير جهڙي سياسي طور حساس علائقي ۾، فڪر کي بند ڪرڻ بدران مڪالمو ۽ تحقيق ئي واحد پائيدار رستو آهي.