ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ 70 لک ماڻھن کي ماھوار 3 ھزار ڏيڻ جو فيصلو

وزير اعظم عمران خان جي صدارت ھيٺ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ سبب چئني صوبن ۾ لاڪ ڊائون کان پوءِ غريب شھرين کي خوراڪ جي فراھمي بابت حڪمت عملي، بنيادي ضروري شين جي خريداري لاءِ يوٽيلٽي اسٽورن ۽ فلاحي ادارن کي راشن جي خريداري تي رليف ڏيڻ تي غور ڪيو ويو، جڏھن ته ڪورونا متاثر علائقن ۾ گڏيل رليف آپريشن بابت به ڳالھيون ڪيون ويون. ڪورونا وائرس جي پکيڙ سبب وزير اعظم عمران خان معاشي رليف پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ 70 لک ماڻھن کي 3 ھزار رپيا ماھوار ڏنا ويندا. ايڪسپورٽرن لاءِ 200 ارب رپين جي رليف پئڪيج جي منظوري ڏني وئي. وزير اعظم ملڪي صورتحال ۽ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن تي مسلسل نظر رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ غريب ۽ پيڙھيل طبقي تي نظر رکي وڃي. ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيتن کي مسئلا نه ٿيڻ گھرجن. ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان اڄ تعميراتي صنعت لاءِ به رليف پئڪيج جو اعلان ڪندو. تعميراتي صنعت لاءِ وڏو ٽيڪس رليف پڻ ڏنو ويندو