خاص

سينيٽر اعظم سواتي بلوچستان پوليس ھٿان گرفتار

سينيٽر اعظم سواتي کي بلوچستان پوليس به گرفتار ڪري ورتو آھي. اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ سينيٽر اعظم سواتي کي بلوچستان پوليس گرفتار ڪري ڪوئيٽا رواني ٿي وئي. ذريعن موجب اعظم سواتي کي بلوچستان ۾ داخل مختلف ڪيسز سبب گرفتار ڪيو ويو. گذريل ڏينهن اسلام آباد جي مقامي عدالت سينيٽر اعظم سواتي کي اڊيالا جيل اماڻيو هو.