خاصنئون

آفريقي طوطا انسانن وانگر هڪٻئي جي مدد ڪندا آهن

آفريقي ڀورا طوطا پوري دنيا ۾ پالتو طوطن طور تي رکيا ويندا آهن ۽ هاڻي معلوم ٿيو آهي ته انسانن وانگر هڪ طوطو پنهنجي ئي قبيلي جي ٻين طوطن جي مدد ڪندو آهي. آفريقي ڀورا طوطا انساني نقل ۽ ڳالهين ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن ۽ انسانن سان به انسيت رکندا آهن. سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل سائنسدان ڊيزائري برڪس جي مطابق ڀورا طوطا ان معاملي ۾ ڪانگن ۽ ٻين پکين کان وڌيڪ اڳيان آهن. تجرباتي طور اٺن طوطن کي شيشي جي ڪمرن ۾ رکيو ويو ۽ انهن جي وچ ۾ شيشي جي ئي ديوار هئي. شيشي ۾ هڪ گول ننڍو سوراخ ڪيو ويو هو ان سان ٻه پکي هڪٻئي سان رابطو ڪري سگهندا هئا. سائنسدانن هر طوطي کي تربيت ڏني ته جيڪڏهن اهي ڌاتو جو هڪ سڪو ڏيندا ته انهن کي خشڪ ميوا ملندا. سائنسدانن هڪ تجربي ۾ ڪجهه پکين کي هڪ کان وڌيڪ ٽوڪن ڏنا ۽ ڪجهه پکين کي هڪ به سڪو نه ڏنو ويو. آهستي آهستي ڏٺو ويو ته ڀورن طوطن سوراخ ذريعي هڪٻئي کي سڪو ڏنو ته جيئن اهي به ميوو کائي سگهن. اهڙي طرح سڀني پکين کي هڪٻئي جي مدد ڪندي ڏٺو ويو ان ريت معلوم ٿيو ته هڪ طوطو ٻئي طوطي جي ضرورت جي وقت مدد ڪندو آهي.