گاج ڊيم لاءِ سنڌ کي ڏنل 6 ارب به غائب ٿي ويا: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ زمين جي پاڻي تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت تي ناراضگي جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته صوبائي حڪومت کي پاڻي جو ڪو فڪر نه آهي. حڪومت شايد سمجهي ٿي ته سمنڊ گڏ آهي، پاڻي جو مسئلو نه ٿيندو. جسٽس عمر عطا بنديال جي اڳواڻي ۾ خصوصي بينچ ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان پاران عملدرآمد رپورٽون پيش ڪيون ويون. جسٽس بنديال چيو ته اسان سويلين حڪومتن جي ڀرپور حمايت ڪرڻ چاهيون ٿا پر انهن کي عدالتي فيصلن تي عمل ڪرڻو پوندو سويلين حڪومتون ڪم نه ڪنديون آهن ته مسئلا پيدا ٿيندا آهن. سنڌ حڪومت مان ڪنهن کي طلب ڪريون ته جيئن هي پيغام بالا آفيسرن تائين پهچي؟ جسٽس فيصل عرب چيو ته سنڌ حڪومت نئون گاج ڊيم به تعمير نه ڪيو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته وفاق نئين گاج ڊيم لاءِ 6 ارب رپيا صوبائي حڪومت کي جاري ڪيا، اهي به غائب ٿي ويا. سنڌ حڪومت عملدرآمد رپورٽ نه ڏيندي آهي. هر ٻڌڻي تي عدالت کان معافي گهري ويندي آهي. چيف سيڪريٽري کي طلب ڪريون ته پوءِ ئي سنڌ ۾ ڪو ڪم ٿيندو آهي.