ڪلاسيڪل ڪردار ،” موھن ڀڳت “
موھن ڀڳت
اوڻيھ سو ايڪانوي ٻيانوي جو زمانو ھو، ٿر ۾ پڪي روڊ ٺھڻ جو پهريون تجربو ڪيو ويو سو ھو نئون ڪوٽ کان مٺي کان ڏيپلو تائين. وڏن وڏن لڪن کي ٽريڪٽرن جي اڳين بليڊن سان ڪٽ ڏئي زمين کي سريکو ۽ ھموار ڪيو ويو، پوءِ وري ساڳين ڪچن چيلهن واري رستي تي ڪارو ڏامر ھاري مٿان رولر گهمائبو هو ته اھو ٿي ويندو ھو پڪو روڊ. وري جڏهن برساتون پونديون ھيون ته ڏامر جي ھيٺان واري تهه سرڪي ويندي ھئي، ايئن ڪارو ڏامر ھيڏانهن ھوڏانهن پکڙجي ويندو ھو. لارين جيپن لاءِ وري اھو چيلهن وارو رستو. مٺي ۽ نئون ڪوٽ جي وچ ۾ پبلڪ سوارين “ڇڪڙن” لاء هڪڙو اسٽاپ آھي “وڄوٽو”، جيڪو اڄ به بنا ڪنهن ٿوري گهڻي آبادي وڌڻ جي ساڳي حالت ۾ برقرار آھي. جتي ڇڪڙا، لاريون، بيهنديون هيون. گاڏين جي انجڻين ۾ پاڻي ڀربو ھو. مسافر چانھ پاڻي پيئندا ھئا، سگريٽن جا موالي سگريٽن جا ڪش ھڻندا ھئا، ڏوڪرا ڪپڙي جي ٿيلهين مان ڀونگريون ڪڍي سلفين جا سوٽا ھڻي وٺندا ھئا. اڌ ڪلاڪ جي ساھي کانپوءِ وري منزل ڏي روانو ٿبو ھو. ٿر ۾ انهيءَ تجرباتي جديد روڊ جي ٺھڻ کانپوءِ نئون ڪوٽ کان مٺي تائين ڪوسٽرون به ھلڻ شروع ٿي ويون، مٺي پهچڻ جو ڪجھ آسان ۽ تڪڙو وسيلو پئدا ٿي پيو. توڻي جو تيستائين مٺي کي ضلعي ھيڊڪوارٽر جو درجو ملي چڪو ھو. اسپتال، ڪاليج، ھاءِ اسڪول، روينيو جون آفيسون، نيشنل بينڪ، زرعي ترقياتي بينڪ، پوسٽ آفيس، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي آفيس پڻ موجود هيون پر جي پنجويھ سال اڳ جي مٺي ۾ ۽ ھاڻوڪي مٺي ۾ ڀيٽ ڪبي ته موجوده ” مٺي” سڄي ٿر جو جديد شهر ٿي پيو آھي. جنهن ۾ ھاڻي پيئڻ جي مٺي پاڻي سميت، ميرپورخاص، حيدرآباد جهڙيون سڀ سهولتون موجود آهن. سڄي ضلعي ۾ رستن جو ڄار وڇايل آھي. ٽرانسپورٽ جا مسئلا حل ٿي ويا آھن. ماڻهن جا هڪٻئي سان رابطا آسان ٿي ويا آهن. موبائل فونون اچي ويون آهن، ماڻهو ماڻهو سان ڳنڍيو پيو آهي.
اوڻيھ سئو ٽيانوي جو سال ھجي صاحب وڏي جو حڪم ٿيو ته ميرپورخاص حاضر ٿيان، سرڪاري نوڪر جو ٿيس، سو سڀ ڪم ڪار ڇڏي وڃي صاحب وٽ پهتس. اسان وٽ صاحبي وارو ڪلچر به عجيب ڪلچر آھي، گهڻو عرصو انگريزن جي ڪالونيل دور رھڻ ڪري جڏهن وڏي ڪرسي تي ويهندا آهيون ته پاڻ کان ھيٺ سڄي عملي کي بادشاهن وانگر پنهنجي رعايا سمجهندا آهيون ۽ حڪم هلائيندا آهيون، وڏين ڪرسين تي پهچڻ کانپوءِ عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ پاڻ کي عوام جو نوڪر سمجهڻ بجاءِ عوام کي پنهنجو نوڪر سمجهڻ شروع ڪندا آهيون. صاحب جو انهيءَ ڏينهن شايد سندس گهر واري سان ڪو جهيڙو ٿيل نه ھو سو سٺي موڊ ۾ ھو. چانهه پيارڻ کانپوءِ چيائين، مٺي ۾ ڪوبه ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ناھي، جنهن کي ٿا موڪليون ٻه چار مهينا ڪم ڪري سفارشون ڪرائي ڀڄي واپس ٿو اچي، مون سوچيو آھي مٺي لاءِ تون بهتر رهندين. عرض ڪيومانس، سر جي ٻيو ڪو راضي ناهي ته پوءِ توهان کي اهو گمان ڪيئن ٿيو ته آئون گهر کان ڏيڍ ٻه سئو ميل پري وڃڻ لاءِ راضي ٿي ويندس. چيائين نٿو وڃڻ چاھين ته زبردستي ڪونهي پر تو مان مون کي انهيءَ ڪري اميد آهي ته تو سدائين نه رڳو چئلينج قبول ڪيا آهن پر سٺا نتيجا به ڏنا آهن. ھن منهنجي ڏکندڙ رڳ تي ھٿ رکيو ھو، جي چئلينج جي ڳالھ نه ڪري ها ته گوٿ ناٿ ڪري، ڪوڙ بدوڙ بهانا ڪري جان ڇڏائي وڃجي ها، پر اسان جا ڪم به هوندا هئا سدائين ” جيئي” وارا سدائين نانگن جي ٻرن ۾ ھٿ، سو آرڊر جو پنو ويڙھي سيڙھي وڌم کيسي ۾، ٻئي ڏينهن چڙهيس لاريءَ ۾ سڌو وڃي لٿس نئون ڪوٽ. اتان وري ٻي بس ۾ چڙھي مٺي پهچڻو ھو، اڃان بس مان لٿس ته پريان کان ھڪل ٻڌم، خالد صاحب ڪيڏانهن تياري آھي، لوڻو جو وراڻيم ته محمد علي ڀان سامهون بيٺو ھجي، محمد علي ڀان سان ننڍي ھوندي فقير جي ڍوري تي گڏ رانديون ڪيوسين. ڀانن ۽ ڪنڀارن جا مائيٽاڻا واسطا رهيا. ملڻ کانپوءِ ٻڌايم ته مٺي ۾ نوڪري سانگي بدلي ٿي آھي سو اوڏانهن تياري آھي. سائين واهه جو وٺي ھلبو توهان کي، مٺي لاءِ منهنجي ڪوسٽر هلندي آھي انهيءَ روڊ تي، بس مٺي وڃڻ ۽ نئون ڪوٽ کڻي اچڻ جو ذمو منهنجو، پپو اڳين سيٽ تي صاحب جو ڪپڙو رکي ڇڏ محمد علي پپو کي چيو. واهه واهه مون کي ٻيو ڇا کپندو هو، سو چڙھي پيس ڪوسٽر تي اڳئين سيٽ تي اصل بالم بڻجي ويهي رهيس، سڄي واٽ ڳوٺ جا حال احوال ڪندي اچي پهتاسين مٺي. سراڻ وٽ لاهيندي چيائين سائين بس سامهون ماما ماکيءَ وارو ويٺو آهي نه انهيءَ کان ٻه گهٽيون اڳيان اوهان واري بينڪ آھي. بينڪ پهتس ته سنگرام صاحب مرڪندي وڏي پاٻوھ مان آڌرڀا ڪيو، سنگرام صاحب سان يونيورسٽي ۾ به ياري ھئي، وري ڪجھ وقت جيمس آباد ۾ به نوڪري ڪئي ھئائين، علم ادب فڪر وارو صفا اشراف ۽ ايماندار ماڻهو. سنگرام صاحب جھڙي صفتن وارا مون تمام ٿورا ماڻهو ڏٺا آهن. حال احوال ٿيا، آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کانپوءِ اتي ئي هڪڙو ڪمرو جنهن ۾ هڪڙي کٽ، موچارو بسترو، ٻه ٽي ڪرسيون، پاڻي جو ڪولر ۽ گلاس پيا ھئا، سفر جو ٿڪ به ھو، طارق چوڪيدار سنگرام صاحب جي گهران ماني کڻي آيو، ماني کائي لت ڏئي رهيس سمهي. صبح جو سوير اک کلي ته سڀ ٿڪ لهي ويا، طارق پاڻي جي بالٽي غسل خاني ۾ رکي ڏني، سنان پاڻي ڪري ڪمري ۾ آيس ته ڏٺم اڌڙوٽ عمر جو هڪڙو ھمراهه بينڪ جي صفائي پيو ڪري، طارق چيو سائين توهان ڪمري ۾ ويهو ته جمعدار ٻهاري ڏئي وٺي. ھمراهه اندرين آفيس جي ڪمرن مان ٻهاري ڏئي جڏهن منهنجي ڪمري تائين پهتو ته پڇيومانس ڪاڪا ڇوڪرا ٻاڪرا ڪونه اٿئي ڇا؟ ھٿ ٻڌي نيازمندي سان چيائين سائين آھن. هي بينڪ گهر جي ويجهو آھي سو ھتي ڪم لاءِ آئون اچان ڇوڪرا وري ٻاهر جو ڪم ڪار ڪن، هو يڪ ساھي چئي ويو، تيستائين طارق جيڪو ٿورو پر ڀرو بيٺو ھو تنهن ڀڻڪو ڪيو، صاحب موھن ڀڳت ٻڌو اٿوَ. ھا ڀلوڙ راڳي آھي، هلڪي مرڪ منهن تي آڻي چيائين صاحب ھيءُ اٿو موهن ڀڳت.
ھان…. مون کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو، ٻانهن مان جهلي کيس پنهنجي آفيس واري ڪمري ۾ وٺي آيس، آفيس ۾ ٻانهن ڇڏائي هيٺ قالين تي ويهڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڪٿي ٿو ھٿ ڪڍانس، پنهنجي سامهون رکيل ڪرسين جي قطار مان هڪڙي ڪرسي تي ويهاري سامهون وڃي پنهنجي ڪرسي تي ويٺس. اسٽاف اڃان ڪونه پهتو هو، ڀڳت هاڻي ڳالھ ٻڌ سڀاڻي کان تنهنجي جاءِ تي تنهنجو ڇوڪرو ڪم تي ايندو، توکي جڏهن وقت ملي ته بس مونسان رڳو ڪچهري ڪرڻ ايندو وڃ. نيازمندي مان ھٿ ٻڌي وراڻيائين صاحب حاضر. تيستائين اسٽاف به اچي ويو، ڏٺن ته ابا صاحب جي اڳيان موهن ڀڳت ڪرسي تي ويٺو آھي، چڻ ڀڻ ٿي، سس پس ڪيائون، مون ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.
اھا ھئي موھن ڀڳت سان مٺي ۾ منهنجي پهرين ملاقات.
پوءِ ته موھن ڀڳت جي مون سان جهڙي ڪر دل لڳي وئي. گهر ويجهو ھئس، شام جو اچي نڪرندو ھو، ڪچهريون حال احوال هتان هتان جون خبرون. ڀڳت ڀلا راڳ ڪٿان سکيئي؟ سائين راڳ اصل ۾ اسان جي وڏڙن کان هلندو اچي. منهنجو بابو ۽ چاچو ڀڳتي ڪندا ھئا، آئون ننڍو ھئس ٻڪريون ڪاھي جهر جهنگ ۾ پيو جهونگاريندو هئس، پر استادي ۾ منهنجو ۽ مائي ڀاڳي جو استاد مراد فقير ھو. ٿر جي مٽي ڏاڍي زرخيز آھي، گائيڪي ۾ استاد مراد فقير، مائي ڀاڳي، مائي ڀاڳي جي ڌيءَ سوني، پٽ ڪالو ۽ پوٽو برڪت فقير، حسين فقير جيڪو صادق فقير جو مامون هو ۽ صادق فقير جو گائيڪي ۾ استاد پڻ ھو ڪريم فقير. ھاڻوڪي دور ۾ رجب فقير جيڪو وري استاد مراد فقير جو پوٽو آھي سريلو راڳي آھي ۽ عباس فقير جيڪو وري حسين فقير جو پٽ آھي ڀلوڙ آواز اٿس، نزاڪت فقير به راڳ سکي پيو جيڪو وري صادق فقير جو فرزند آهي. ھوڏانهن وري عمرڪوٽ واري پاسي استاد شفيع فقير ۽ رفيق فقير ڀلا راڳيندڙ آهن. شفيع فقير وري استاد شادي فقير جو شاگرد ۽ ڀاڻج آهي. اھو ساڳيو دور ھو جڏهن صادق فقير به ڳائڻ شروع ڪيو ھو ۽ سندس راڳ تي به ڪچڙي جواني لهي آئي هئي، اسلام ڪوٽ ۾ وري ڀڳڙو فقير ھو. مٺي جي سنگت به اچي گڏي سڀ موهن ڀڳت، صادق فقير، ڪريم فقير، حسين فقير جي فن جا قدردان بس ھڪٻئي جي قربن ۾ ڪسجي وياسين. سنگرام صاحب، راڻو راھي، سائينداد ساند، سائين شنڪر ساگر، غفار جوڻيجو، ڏيپ چند، نند لال لکاڻي، ستار بلوچ تن ڏينهن ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر ھو، عنايت ٿيٻو اينٽي ڪرپشن جو انسپيڪٽر هو، ھاڻي ڪراچي ۾ ڊي ايس پي آھي، ڪرشن شرما سميت سڀ اچي گڏياسين. جڏهن به محفل موسيقي ٿيندي ھئي ته سڀ فنڪار اچي اسان سان محفل ملهائيندا ھئا.
موھن ڀڳت گهڻو ڪري ڀٽائي جون ڪافيون ڳائيندو ھو. موھن ڀڳت جڏهن سر ۽ سنگيت جي نشي ۾ مدھوش ٿيندو ھو ته تنبورو ھٿ ۾ کڻي اٿي بيهي جو جهومر ھڻندو ھو ته ٻڌندڙن کي پنهنجي منڊ ۾ منڊي ڇڏيندو ھو، سندس آلاپ روح ۾ برسات جيئن وسي پوندا ھئا. شام جو آئون ڪڏهن سندس گهر لڙي ويندو هئس ته جهڙو سندن گهر ديوتا اچي ويو. اھا جڳھ ڪونه ھوندي ھئي جو موھن ڀڳت مون کي ويهاري. گهر ۾ گجراتي ٻولي ڳالهائيندا ھئا، شنڪر کي سڏ ڪندو ھو ابا، سائين لنگهي آيو آھي، شنڪر کٽ کڻي چٽڪاري رلي وڇائي ٻه ٽي وھاڻا رکي هڪڙي ٽنگ تي بيٺو ھوندو ھو. موھن ڀڳت حال سارو جيڪا به خدمت ڪندو ھو سا ته ڪندو هو پر سندس سڄي ڪٽنب جا چهرا جرڪي پوندا ھئا. مون ڪٿي اهو محاورو به استعمال ڪيو آھي ته سائين مهمان نواز اھڙو جو سندس گهر جا ڪک پيا مرڪن، سو موهن ڀڳت جي گهر وڃبو هو ته سندس گهر جا ڪک پيا مرڪندا ھئا. شنڪر کڻندو هو دهلڙي موهن ڀڳت تنبورو ۽ موهن ڀڳت، “سرتيون آئين تان وڃو ڙي وڃو، منهنجو ليک لڪن ۾”، جوڙو ڪافين جو ڳائي مون کي سندن در اچڻ جي ڀيٽا ڏيندو ھو. سندس لاڏاڻي جو ٻڌي آئون درد ۾ ايئن ئي وٺجي ويو ھئس جيئن صادق فقير جي مرتيئي جو درد منهنجي اندر ۾ لهي ويو ھو. موھن ڀڳت جتي به ھجي سندس روح کي سڪون ھجي، موهن ڀڳت اسان مان توکي ڪنهن به وساريو ناھي، اسين اڄ به پنهنجي ليپ ٽاپن تي يو ٽيوب تي تنهنجيون ڪافيون ٻڌندا آهيون ۽ توکي پنهنجي آسپاس محسوس ڪندا آهيون. جيئن هينئر، هن پل توکي هيءَ ڀيٽا پيو ڏيان تنهنجي ئي ڳايل ڪافي “آيل ڙي ٻاروچو مون کي ياد پيو، وسري ڪونه ويو” ٻڌندي لڳي پيو ته تون سامهون ويٺو مون کي ڪافي ٻڌائين.
خالد پرويز

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي ۾ ليفٽ جي شاگرد سياست ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر به رهيو آهي، سنڌي ڪالمن کانسواءِ اردو جا بلاگ پڻ لکندو آھي. سندس لکڻ جو محور، اقليتون، عورتون ۽ ٻار آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهندا آهن.

