آبادگارن جون دانهون سارين جا گهٽ اگهه, غير معياري ٻج ۽ مشينون
لاڙڪاڻي ۾ ورلڊ بينڪ جي فنڊنگ سان آبادگارن کي زرعي مشينون 50 سيڪڙو سبسڊي تي ڏيڻ واري تقريب دوران زراعت جي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي موجودگي ۾ آبادگارن سارين جا اگهه گهٽ ملڻ ۽ سارين جي امدادي اگهه مقرر ڪري غير قانوني ڪٽوتيون بند ڪرائڻ ۽ خريداري مرڪز کولڻ جي اپيل ڪئي. زراعت جي صوبائي وزير سڄي ذميواري وفاقي حڪومت تي وجهي ڇڏي. سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي نائب صدر گدا حسين مهيسر چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيدا ٿيندڙ ايري چانور ٻج سٺو هجڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ٽي نمبر تي هئا ڪجهه سالن کانپوءِ هائبرڊ ٻج مان پيدا ٿيندڙ ڪورس چانور ڪير خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. آبادگار دانهون ڪري چڪا آهن ته کين رجسٽرڊ ٻج گهرائي ڏنا وڃن. نقلي ۽ غير رجسٽرڊ ٻجن جي ڪري هارين کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. 36 سال اڳ ٿريشر متعارف ڪرايو ويو پر هاڻي دنيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي اچي چڪي آهي اسان پراڻين مشينن تي بيٺل آهيون. ان کانسواءِ جيڪي مشينون ورهايون پيون وڃن اهي به غير معياري ڪمپنين کان ورتيون ويون آهن