نئون

سمارٽ فون کي چارج ڪندڙ ڪيسنگ تيار

چائنا ۾ سمارٽ فون جي ماهرن هڪ اهڙي سيل فون ڪيسنگ تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي ذريعي سمارٽ فون کي چارج به ڪري سگهبو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي ڪيسنگ سان جڏهن هڪ صارف سمارٽ فون کي استعمال ڪري رهيو هوندو ته اها ان جي آڱرين جي حرڪت ذريعي مڪينيڪل انرجي کي اليڪٽريڪل انرجي ۾ تبديل ڪري وٺندي ۽ ان جي ذريعي مستقل طور تي سمارٽ فون چارج ٿيندي رهندي. سائنسدانن هن ڪيسنگ کي انساني وار کان به سنهڙي هڪ مٽيريل ذريعي تيار ڪيو آهي جنهن اندر زرڪو نيٽ ٽيٽينيٽ مان ٺهيل تارن تي مشتمل آهي، ان قسم جي تارن کي نينو وائرز چيو وڃي ٿو. جڏهن انهن تارن کي آڱرين جي ڇهڻ سان زور پوي ٿو ته اهي بجلي تيار ڪن ٿيون.