ٽائيفائيڊ تي اينٽي بايوٽڪ دوائون اثر نه پيون ڪن: آمريڪي الرٽ
آمريڪا پاران پاڪستان اندر ٽائيفائيڊ بابت الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. خبرن موجب آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ اينٽي بايوٽڪ دوائون ٽائيفائيڊ بخار تي اثر انداز ٿيڻ ۾ ناڪام وڃي رهيون آهن. هن قسم جي خبرن کانپوءِ قومي صحت واري ايڊوائيزري مطابق پاڪستان ۾ ٽائيفائيڊ جي ڦهلجڻ جو خطرو آهي. ياد رهي ته ٽائيفائيڊ بخار واري مريض کي 103 کان 104 بخار ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ ٽائيفائيڊ بخار جي نشانين ۾ مٿي جو سور، بک نه لڳڻ، جسم ۾ سور ۽ منهن تي ڳاڙها نشان اچڻ به شامل آهي. آمريڪا پاران ڏنل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽائيفائيڊ بخار کان بچڻ لاءِ صاف غذا جو استعمال ڪيو وڃي، کليل ۽ آلودا ٿانو استعمال نه ڪيا وڃن. ان کان علاوه اهڙي مريض جي استعمال جا ٿانو الڳ ڪري رکڻ گهرجن ۽ ٽائيفائيڊ کان بچاءُ جي دوا استعمال ڪرڻ گهرجي.

