نئون

پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي تي چيف جسٽس پاران حيرانگي جو اظهار

چيف جسٽس ثاقب نثار پاران پيٽروليم جنسن جي قيمتن ۾ اضافي تي حيرانگي جو اظهار ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ پيٽروليم جنسن جي قيمتن تي هلندڙ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس حيرانگي جو اظهار ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته پيٽرول جي قيمت ساڍا ست رپيا وڌائي وئي آهي؟ جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم جي قيمت وڌڻ ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ڪارڻ قيمتون وڌي ويون آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه ٿي رهيو آهي هن معاملي تي اسان ماهرن جي ٽيم کي گهرائي انهن جي راءِ وٺنداسين. ٻئي طرف پي ايس او هلندڙ مهيني لاءِ پيٽروليم جنسن تي ٽيڪس جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. جنهن مطابق صرف جولاءِ ۾ عوام ڪل ستر ارب رپين جو اضافي بار سهندو.

 تفصيلن مطابق پيٽرول تي 37 رپيا، 63 پئسا، في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 52 رپيا، 24 پئسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل تي 17 رپيا 52 پئسا في ليٽر ٽيڪس ڊيوٽون ۽ وصوليون وصول ڪيون پيون وڃن. ان کان علاوه پيٽرول تي في ليٽر 17 رپيا 46 پئسا جي ايس ٽي ۽ 10 رپيا ليوي، هاءِ اسپيڊ تي 28 رپيا 23 پئسا في ليٽر جي ايس ٽي ۽ 8 رپيا ليوي ۽ لائٽ ڊيزل تي 11 رپيا جي ايس ٽي ۽ 3 رپيا ليوي ورتي پئي وڃي، جنهن کان علاوه پيٽروليم جنسن تي ڊيلرز ڪميشن، او ايم سيز مارجن، ان لينڊ فريٽ مارجن ۽ ڪسٽم ڊيوٽيز به ورتيون پيون وڃن.