هاڻي روبوٽ فلمن ۾ اسسٽنٽ مين جو ڪم ڪندا
ڊزني پاران هڪ اهڙو روبوٽ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو انسانن وانگر اسسٽنٽ مين جو ڪم ڪري سگهندو. هن روبوٽ کي اسٽِڪ مين جو نالو ڏنو ويو آهي. هن قسم جا روبوٽ ڊزني جي ٽيم پارڪ ۾ به ڪرتب ڏيکاريندا. ڊزني پاران هن روبوٽ جو هڪ وڊيو به رليز ڪيو ويو آهي.
وڊيو ڊزني ۽ يوٽيوب جي ٿورن سان
ڊزني پاران هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊزني کي پنهنجي پارڪ لاءِ اهڙي روبوٽ جي ضرورت هئي جيڪو عوام ۽ ٻارن کي ڪرتب ڏيکاري ۽ انهن جي اڇلايل شين کي ڪيچ ڪري سگهي. ٻئي طرف اهڙن روبوٽن کان هوا ۾ ڪلابازيون هڻائي ڪرتب به ڏيکاريا ويندا پر ان کان بهتر ڳالهه اها آهي جو هي انسانن وانگر اسسٽنٽ مين جو ڪردار ادا ڪري ۽ فملي اداڪارن ۽ اسسٽنٽ مين جي جان بچائڻ جا فرض به اداري ڪري سگهندو. هن روبوٽ هيستائين ڊزني جي پارڪ ۾ ڪرتب ڏيکاريا آهن، پر هاڻي هنن تي وڌيڪ ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن سان هن کي هڪ انسان جي روپ ۾ آڻي ان اداڪار جهڙا ڪرتب ڪرايا وڃن جنهن لاءِ هن روبوٽ ۾ جديد اليڪٽرانڪ سينسر، ايسيليرو ميٽر، جائرو اسڪوپس ۽ ليزر رينج فائينڊ رز لڳايا ويا اهن. هي پنهنجي پيٽ، پٺيءَ ڀر ڪري به سگهي ٿو ۽ هوا ۾ هڪ هيرو وانگر به پوز هڻي سگهي ٿو. تجزيا نگارن هن ايجاد کي فلم سازي ۽ تفريح جي دنيا ۾ هڪ انقلاب قرار ڏنو آهي.

