ٽينڪر مافيا جو خاتمو ڪيو وڃي: هاءِ ڪورٽ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ متعلق ٽينڪر مافيا جي خاتمي ۽ واٽر بورڊ جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن کي پرائيويٽ ماڻهن کان آجو ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. جسٽس ڪي. ڪي آغا ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جي روبرو درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پرائيويٽ ماڻهو پمپنگ اسٽيشنن کان پاڻي رقم عيوض وٺي رهيا آهن. ايس ايس پي ملير پاڻي جي غير قانوني ڪنيڪشنن جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي جنهن ۾ واٽر بورڊ جي غير قانوني ڪنيڪشنن کان آگاهي ڏني وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن واٽر بورڊ چوندو ته پوليس مقدمون درج ڪري ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جا ڪنيڪشن نه آهن ۽ ماڻهو ٽينڪرن ۽ کوهن ذريعي پاڻي حاصل ڪندا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنرن کي سروي ڪري غير قانوني ڪنيڪشنن جي رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.