ٽانڪ پيزو روڊ توسيعي منصوبي جو افتتاح
مولانا فضل الرحمان ٽانڪ ۾ اسعد محمود سان گڏ ٽانڪ پيزو روڊ جي توسيعي منصوبي جو افتتاح ڪيو. هن موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۽ ان کانپوءِ به پاڪستان جي اسلامي شناخت کي متعارف ڪرايو ويندو. اسرندڙ ملڪ آهيون پر ائين به ڪونهي ته اسان وٽ وسيلا نه آهن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽانڪ شهر کي هميشه پيئڻ جي پاڻي جي شڪايت رهي آهي، گومل زم ڊيم مان پيئڻ جو صاف پاڻي ٽانڪ کي فراهم ڪنداسين، پيئڻ جي پاڻي جو اهو منصوبو 100 ارب رپين جي لاڳت جو هوندو. ان موقعي تي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 38 ڪلوميٽر ڊگهي رستي جي توسيع تي 4 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا.