آصف زرداري وزيراعظم کي اپوزيشن سان ڳالهين جو مشورو ڏئي ڇڏيو
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف کي اپوزيشن سان ڳالهيون ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته ڳالهيون ڪرڻ جي اٿارٽي وزيراعظم وٽ آهي، شهباز شريف کي درخواست ڪندس ته اپوزيشن سان ڳالهيون ڪري. هن چيو ته ڳالهين ۾ اچڻ کان اڳ شرط نه رکيا وڃن، اپوزيشن کي به ڳالهين لاءِ شهباز شريف وٽ اچڻو پوندو ڇو ته هو وزيراعظم آهي، اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هجي، منهنجي خلاف به سو مو ٽو نوٽيس ٿيا. آصف زرداري چيو ته مون ڏٺا آهن، اسان جي خلاف اڳ به انٽريز ٿينديون رهيون آهن، جڏهن بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته اسان پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، رات ٻارهين وڳي اسپتال مان اٿاري اسان کي جيل ۾ وڌو ويو، ان وقت ڪنهن به سو مو ٽو نوٽيس نه ورتو هو. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان کي بچائيندا آيا آهيون ۽ هاڻي به بچائينداسين، جيستائين ساهه ۾ ساهه آهي تيستائين جمهوريت لاءِ وڙهندا رهنداسين.