اجمل ساوند کي ڀيٽا

فيسبڪ تي مون تقرير تنهنجي ٻڌي،

لفظ هر ڪنهن مان محسوس ٿي زندگي.

خواب سهڻا، ارادا جَي ارڏا هئا،

توسان گڏ سي مٽيءَ ۾ ملايا وئا.

تون ته پانڌيئڙو ڪو حسيني هئين،

هئه يزيدي ولر جي چڙهي ور وئين.

هاءِ سنڌڙي نه توکي بچائي سگهي،

هوءَ لٽيل هوءَ ڦُريل پاڻ آهي اگهي.

جنهن جي مٽيءَ لئه واپس تون آيو هئين

تنهن جي چادر پلنگ گور

بڻجي وئين

فوزيه ابڙو

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments