شاعريشاعري

شهيد روپلو ڪولهي جي 161 هين ورسي تي ڀيٽا راج راڄپر Sep 2020

اڃان آجپي جي اُڏارن ۾ آهي، ڪَڙِي پرک پل پل گَهڙِي ڪا ڪَنايو

ته پارِي نگر جي پَهڻ پيچرن تي، اڃان رُوپلي جون وفائون ٻُرن ٿيون

رُتن جي لِڱن نيٺ آرس ڀڳو ۽ هوائن نهاريو ٿي سُرڀاٽ هلچل

اُميدن جا اوڍي وَڳا ويس آئي، نَويلي نَئين باک بي باڪ چَنچل

غمن گوندرن جي تِکيءَ ڇانوَ جهڙو، ڪو جهوپو ٿو جھومي ته روپو ڄميو آ

۽ گوئيل نُک ۾ سَڀاڳڻ جي ڪُک مان، ڪَڙا وَيل ڪونڌر ڪو ڪوپو ڄميو آ

ڪُنڀاريءَ کان ڪويا سڄو مامچِيرو، رُڳو کارسر ڇا سموري خدائي

نئون جوش جذبو نئون وَلولو آ، نئون حوصلو ڪا نئين سوچ ڄائي

ڏکن ڏوجھرن تي خيالن جي بارش، اجالن جي بارش اُٺي ذهن تَر ٿيو

سڄي سوچ مَھڪِي ۽ ٻَهڪِي ڦُلاري، ته شانتو ۽ ڪيسر جو گھر پڻ امر ٿيو

رُڃن ۾ پُڪارڻ اُڪارڻ اثر ٿيو، اُڃن جو سو اولاد فولاد جھڙو

قبوليو نه جنھن تنھن مٿي قيد ڪهڙو، ڪَڙولن ۾ آجو به آزاد جھڙو

ڪَکاون پَکن ۾ لَکن جو جياپو، بُکن ۽ اُڃن تي پَليو آجپو آ

ڏَجھائين اَجھن ۾ به وِيجھن وَڌن ٿا، خيالن جي دل ۾ رَليو آجپو آ

دَنگن ديس واسين سندو واھپو آ، نگر نينھن واسيو خُمارن ۾ آھي

سندس ٿڃ تاتيو بڻيو سُورمو آ، ڪُنڀاريءَ جي ڇاتي اُڀارن ۾ آھي

اڃان آجپي جي اُڏارن ۾ آهي، ڪَڙِي پرک پل پل گَهڙِي ڪا ڪَنايو

ته پارِي نگر جي پَهڻ پيچرن تي، اڃان رُوپلي جون وفائون ٻُرن ٿيون

فرنگين فريبن سندو بَن وِڇايو، ته واپار مان نيٺ سرڪار نڪتي

گذارش ۾ روپوش احڪام نڪتا، نوازش جي تَھ مان به تلوار نڪتي

ڪٿي لوڀ لالچ ڪٿي سازشون ٿي، ڪٿي ڏاڍَ ڏهڪاءَ  ايذاءَ اُڀريا

سدا سامراجي رَوِش سا رھي آ، ته مرھم سَندِي اوٽ ڏئي گھاءَ اُڀريا

۽ پيڙاءَ جا جيئن پڙلاءَ اُڀريا، ڪُڇڻ ۽ ڪِنجھڻ تي به بندش وِڌي وئي

صدين کان رھيو ساءُ سرچاءُ جن ۾، اَلا! تن دلين ۾ به رنجش وِڌي وئي

ڌيانن گيانن ۾ خواھش وِڌي وئي، ته سي ئي زمانن ۾ وِيجھن وَڌن پيا

پٺيان درحقيقت ڪُڌا سامراجي، ڪِي حِيلن بَھانن ۾ وِيجھن وَڌن پيا

مَڪاريءَ جي سواريءَ مٿان پَلٿ ماري، سڄي ڀونءِ ويٺا سي ڪاھِن لَتاڙن

مَڏيون مال ويٺا سي تاڙين ويتر، ڳَليون ڳوٺ ڳَڀرو به ڳاھِن لتاڙن

ڪٿي ڪوبه بيجا ڪري وار ڪنھن تي، اھو جيءَ پنھنجي مٿان وار سمجھو

فرنگين تي ڦِٽڪار ڌرتي ڪري سا، سڀن سامراجن تي ڦِٽڪار سمجھو

وطن ڪاڻ ووڙڻ پَتوڙڻ غداري، بغاوت جي بي حس شُمارن ۾ آھي

خوابن جي نگري جلائي وئي آ، سڄي ڀونءِ دونھان غُبارن ۾ آھي

اڃان آجپي جي اُڏارن ۾ آهي، ڪَڙِي پرک پل پل گَهڙِي ڪا ڪَنايو

ته پارِي نگر جي پَهڻ پيچرن تي، اڃان روپلي جون وفائون ٻُرن ٿيون

نِپيئر جي پاري نگر تي نظر جنھن، ڪَٽي سنڌ نقشي کي ڪڇ سان ملايو

سڌارن جي نالي تي سڀ ڪجھ لُٽڻ لئه، وِجھي رَڇ جيون کي اَڇ سان ملايو

ڪِرن سنگھ اَڌي سنگھ ٿي اعلان بيٺا، ستمگر جي سامُنھن ٿي طوفان بيٺا

وَڌيو ٿي وفادار جھونجھار رُوپو، سندس ٻانھن ٻيلي ٿي ٻَلوان بيٺا

ڏَجُو ۽ مَڏُو ۽ ٻه ٽي ٻيا به گڏ ٿيا، ته “ٻارنھن ٻروچن” سندو جوڙ اُڀريو

مَنجھن روپلي جي اَھنڊ روپ ۾ ڄڻ، غلاميءَ جي ٻَيڪڙ سندو ٽوڙ اُڀريو

کڻي ڪي کَنڀوٽيون گُليليون ڪي ڀالا، ڪٿي ڪنھن کي ڪاتر ڪو ڪِرپان ھٿ ۾

لَڪيرن کي جانچي ڪِي سانچي ڏٺائون، مليو ديشَ ڀڳتيءَ جو وجدان ھٿ ۾

اڳيان سامراجي سَگھاري سنبت سان، کڻي ويڙھ جا ساز و سامان نڪتو

بندوقون ڪي بڪتر ڪي بارود توبون، ھَلان ٿي ته تروٽ به حيران نڪتو

پھاڙن تان حملو سو روپو ڪِي تَجلو، اُمالڪ مٿن ڄڻ ته وِڄُ ٿي وريو پئي

۽ ڀُوڪڻ جي ڀَوَ کان پريشان ششدر، سندن ھانءُ ھيڻو سو ويتر ڏَريو پئي

اَويلو سَويلو ڪُمھلو ھَلان تي، فرنگين جي صِف ۾ به ڦڙڦوٽ آئي

ھَلان ۽ ھَلان ۽ ھَلان روپلو ٿيو، ڪُمڪ سامراجي ٿَڪو کوٽ آئي

۽ تروٽ جي تِک تي وڏي چوٽ آئي، ڪَري پَير پويان سو کِسڪڻ لڳو آ

ڄنگھن کي به ڪاتر کان ڪَنبڻي وٺي وئي، تڏھن پولھ پنھنجي تي گِسڪڻ لڳو آ

۽ لاڌَي جي گھر ۾ لِڪو سو ڦِڪو ٿي، جتي لوڀ لالچ پَسِي روح تڙپيو

ٻُڏي ڇو نه ٿو تون مرين نيٺ لاڌا! اُتي کوھ ڀر ۾ مُٺو ٻُوھ تڙپيو

ڪَنڊِي ڪِرڙ ڪُونڀٽ ڪٿي ٽُوھ تڙپيو، گُگَر تي به سَڪتو سو ڇَل ٿيو پگھر ۾

نه ٿا پَيرُ جنھن جو سَھون سرحدن تي، اَلا! ڪيئن آخر سَھون غير گھر ۾

ڪٿي ڪوئي لاڌو ڪُڌو نرڳ واسي، ڪٿي ڪوئي لاڌو سِڌو سرڳ واسي

نه سو نانءَ لھڻو جو ڪردار ۾ آ، خوشي خام تنھن تي اجائي اداسي

ڏَجُڻ کي سڄڻ کان لڪائي بچائي، اڳيان سرحدن تي پُڄائي وريا سي

ھَٿن سان ھَٽن تي ڏِنئون پاڻُ توري، ضميرن جا سودا کُٽائي وريا سي

سڄي سِرشٽي ڄڻ لُٽائي وريا سي، ٽَڪن تي ڪو ٽاڻو وِڪاڻو ته وَيڌن

گَھٽائون مڃون تا ته گھنگھور آھن، ڏيئو ڪو وفا جو اُجھاڻو ته وَيڌن

رُٺو جي رَندن کان ٺِڪاڻو ته وَيڌن، ڪٿي ماڳُ وِک لئه پُڪارن ۾ آھي

تَسارا سَوين مِرگھ ماڻھو تَڳن ٿا، وڏي سَھپ رُڃ جي اُڃارن ۾ آھي

 اڃان آجپي جي اُڏارن ۾ آهي، ڪَڙِي پرک پل پل گَهڙِي ڪا ڪَنايو

ته پارِي نگر جي پَهڻ پيچرن تي، اڃان روپلي جون وفائون ٻُرن ٿيون

نَئين سگھ ساري نوان وَجھ تاڙي، لَتاڙي حدون ھيل تروٽ وريو آ

وري جُنگ جوڌا ڪي ڪولھي ڪي سوڍا، وَڌي ٿيا مُنھان ميل تروٽ وريو آ

وري روپلي جو رَتو روح بي ڪل، تَتو ڏينھن ٻيھار ٻَلوان جاڳيو

وري ڀونءِ ماتا سين ناتا نڀائڻ، اڳي کان به اڳرو سو ايمان جاڳيو

کَنڀوٽين جا وَيرين مٿي وار ساڳيا، گُليلن جي بُڇڙن تي بُوڇاڙ ساڳي

پھاڙن تان ڪيھر جي گجگوڙ اُڀري، ته گدڙن گڏي ڪئي سا اُوناڙ ساڳي

اَلا! پر اَڀاڳي اڃان تاڙ ساڳي، وري ھَنس پُرِي ڪو مھاجَي وِڪاڻو

ٻئي ساڙڌڙ جي دَڳن جا به سُونھان، ڀَليءَ ڀِت روپي جو ڄاڻن ٺِڪاڻو

پھاڙن لَڪن جو نِپايو لِڪايو، سو جُوڻيءَ تي روپو به پڪڙيو ويو آ

ھڻي ھٿ ڪَڙيون ۽ زنجيرون لِڱن تي، ڪَڙولن ۾ ڪولھيءَ کي جڪڙيو ويو آ

جتان ساڙڌڙ کان وٺي گوڙڌڙ جي، ڪنارن تي گِھلي ٽنگيو ٽار ۾ ويو

سندس دردَ ڌرتيءَ جي مھڪار ماڻِي، مِلي ۽ کِلي ڄڻ ته کِيڪار ۾ ويو

مَٿس اَھنج ايذاءَ ويتر وِڌائون، ته جيڪر ڪَنبي ٻانھن ٻَيلين تي باھَي

ڪُلئي آڱرين ۾ ڪپھ جون وَٽيون ڏئي، جلائي رکيائون ڏِياٽيون بڻائي

ٻَرِي تن ڏِياٽين ڪيو ڏيھ روشن، ته پنھنجن پراون جا چهرا ٿيا پڌرا

سندس نرڙ چوڏِس نِشانبر ٿي چمڪيو، سُندر ديش ڀڳتيءَ جا شهر سَحرا ٿيا پڌرا

ٽِياسين جي ٻَيڪڙ ۾ هوندي به روپو، سدا ديس واسين جي ڪاڻ لڇيو آ

۽ يمراج کان سو ڪنبيو ڪين آهي، ازل کان اجل جو پتو جنهن پڇو آ

هڏهن کي ڪرائيءَ ڪپيو آ مُڇيو آ، ته جيڪر مَڃِي آڻ ڪو ڏس پتو ڏي

رتو ڇاڻ روپو اڳي کان به ڪوپو، ڪُسي ڪيئن سرواڻ جو ڏس پتو ڏي

اتي نيٺ ميڻا وتيءَ کي پتي جي مُنهان ميل آڻي پڇاڻو ڪيائون

وٽين کي به ويتر وڌائي جلائي بندوقون به تاڻي پڇاڻو ڪيائون

ڪٺن وقت ڄاڻي پڇاڻو ڪيائون، ته روپو رهيو ماٺ ڄڻ ڪاٺ وانگي

او روپا! او روپا! ڏيا دار روپا! سڄو ڏيهه آهي سندءِ ساک سانگي

متان لوءِ لچڪي لڄائين او روپا! متان سار هچڪي لڄائين او روپا!

اڃان ڪولهڻيون سي بڻيون سنڍ ناهن، اڃان سي ڄڻينديون سوين ٻار ڪوپا

جهڪائڻ کان گردن ڪپائڻ ڀلو  آ، ۽ مقتل ۾ مُرڪي ملهائڻ ڀلو آ

سچائي صفائيءَ جو آڪاس آهي، سچائي خدائي سندو ڀرجهلو آ

ٻڌي سي مٺا ٻول روپو به ٻهڪيو، نگر نينهن واسيو ۽ ماحول مهڪيو

ٿڪا پڻ فرنگي يڪا زور لاءِ، سگهيا ڪين آخر سو ڪونڌر مڃائي

لُڏيو لاش سُندر سنديسو بڻيو آ، ته دار و رسن کي ڪُڏي ڪو سجائي

منڊل ميگهه ملهار ولهار نگري، مٺي ڇانو ورني وطن جي اُساٽ آ

نه سوليءَ جهڪايو اڃان سو ته ڪولهي ڪُلئي سامراجي ڀٽن تي چماٽا

اڃان سو  للاٽ آ بڻيو واٽ واهر، سندس سار دل جي اُچارن ۾ آهي

ڏڪارن ۾ ڄڻ ڪي ملهارن جي آمد، سڄو ڏيهه سرتي! سڪارن ۾ آهي

اڃان آجپي جي اڏارن ۾ آهي، ڪڙي پرک پل پل گهڙي ڪا ڪنايو

ته پاري نگر جي پهڻ پيچرن تي، اڃان روپلي جون وفائون ٻُرن ٿيون. 

***