شاعري

جڏهن هُو زلف ڇوڙي ٿو

آزاد ابوبڪر ڇٽو

سنڌ جي سرزمين ڀلاري ۽ ڀاڳن ڀري آهي. جنهن کي رب العزت جهڙيءَ طرح جاگرافيءَ جي مڙني خوبين تهڙيءَ طرح اعليٰ ڳُڻن وارن انسانن، شاعرن، اديبن ۽ سرويچن جي تاريخ سان پڻ نوازيو آهي.

سنڌ جي شهر اُڏيرو لعل اسٽيشن جو نالو ادب جي حوالي سان وٺبو ته ذهن جي پهرين صِف تي مشهور غزل گو شاعر امين اُڏيرائي ۽ احساس ميرل سهتي جو نالو ايندو. ادب جي حوالي سان اُڏيرو لعل اسٽيشن جي ماڻهن تي امين اُڏيرائيءَ جا وڏا احسان آهن. هِن صاحب اُڏيري لعل اسٽيشن ۾ ادبي دونهِين دُکائِي ۽ هڪ ادبي تنظيم قائم ڪئي. مذڪوره شاعر احساس ميرل سهتو پُڻ سندن ئي ادبي تنظيم جي پيداوار آهي. هنن ٻنهي شاعرن جي ڪاوشن سان “سنڌي ادبي سنگت شاخ اُڏيرو لعل اسٽيشن” زور ورتو. هِن ادبي ميدان تان ڪيئي شاعر اُڀريا پر راقم الحروف امين اُڏيرائيءَ کانسواءِ ٽِن شاعرن جي ڪلام کان تمام گھڻو متاثر آهي. جن ۾ هِن تصنيف “جڏهن هُو زُلفَ ڇوڙي ٿو” جي مصنف احساس ميرل، حيدر امان جسڪاڻي ۽ شاد عبدالشڪور ڇٽو جا نالا شامل آهن. سندن شاعري منهنجي روح جي قريب قريب هوندي آهي.

سياڻن جو چوڻ آهي ته “شاعري اُها سُٺي، جيڪا پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهوءَ کي سمجھه ۾ اچي ۽ ٻُڌي واھ واھ ڪري”. سو اسان جي شاعر احساس ميرل سهتو جي شاعري اهڙي ئي آهي. احساس جي شاعريءَ ۾ جيڏو ميٺاڄ سمايل آهي، ايڏي ئي سندس شاعريءَ ۾ سنجيدگي ۽ پختگي آهي. احساس جي شاعريءَ ۾ اوهان کي ڪوبه اهڙو لفظ نه ملندو جيڪو عام پڙهندڙ لاءِ ڏکيو هجي ۽ اُن جي سمجھه کان ٻاهر هجي. اڪثر شاعر پنهنجي شاعريءَ کي لفظن جو اهڙو ته ڀنجُو ڏيندا آهن جو عام ماڻهوءَ جي سمجھه کان پرڀرو هوندي آهي پر اُڏيري لعل اسٽيشن جي هِن نماڻي شاعر احساس ميرل سهتو جي شاعريءَ ۾ توهان کي سادا سُوڌا لفظ لڀندا، ٻهراڙيءَ جي ٻاجھاري ٻولي ملندي. جيئن لفظ “اسٽيشن” کي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو “ٽيشڻ” چوندا آهن. اهڙا انيڪ لفظ احساس پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري پنهنجي شاعريءَ جي سُونهن ۽ سوڀيا وڌائي آهي. جيئن پاڻ چوي ٿو:

مان  جُهوپن  ۾،  تون  ماڙيءَ ۾

ڪيئن رهندين گڏ ٻهراڙيءَ ۾

مان شهر اُڏيري ٽيشڻ جو

دل ڦاسي وئي سرهاڙيءَ ۾

احساس جي شاعري ۾ اهڙا ڪيئي مثال ملن ٿا. سندس شاعري ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪري ٿي. احساس ميرل سهتي جا ٻه ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي ادبي سرزمين تي پير پائي چڪا آهن. جن ۾ پهريون ڪتاب “تو زندگي چيو هو” ۽ ٻيو ڪتاب “جڏهن هُو زُلفَ ڇوڙي ٿو”. هِي ٻئي ڪتاب تازه ڇپيل آهن. اڃان پنڌ ۾ مسافر آهن. جڏهن احساس جي هنن خوبصورت خيالن تي مشتمل ڪتابن کي ماڻهو پڙهي پنهنجي ذهنن ۾ ويهارين ته پوءِ اُهي ماڻهو از خود چئي ڏيندا ته احساس ميرل دورِ حاضر جو استاد بخاري آهي.

احساس جي ڪتاب “جڏهن هُو زُلفَ ڇوڙي ٿو” ۾ جيڪي نثري ٽڪرا آيل آهن، اُهي نظم کان به وڌيڪ معنيٰ خيز ۽ حقيقت سان ڀرپُور آهن جهڙوڪ: هڪڙو نثري ٽڪرو سدائين منهنجي ذهن جي ڀت سان چهٽيل هوندو آهي ته:

پڇيومانس،

تون

عزت ڇو وڪڻندي آهين..!؟

چيائين،

جيڪي

ضمير کپائين ٿا،

اُنهن جي

!..صحبت جو اثر آهي

هر شاعر پنهنجي محبوب جي زُلفن جي ڳالهه پنهنجي پنهنجي طريقي سان ڪئي آهي. اسان جي عوامي شاعر احساس ميرل سهتي به محبوب جي زُلفن جي واکاڻ ڪيڏي نه دلچسپ انداز سان ڪئي آهي ته:

جُهڙالي ٿيو پوي موسم

جڏهن هُو زُلفَ ڇوڙي ٿو.

وري محبوب جي ڳلن جي ڳالهه به من موهيندڙ انداز سان ڪري ٿو ته:

تنهنجي ڳل تي جيڪو تِر آهي.

تنهن منهنجو وِڃايو سِر آهي.

ڀِٽ ڌڻي فرمايو آهي ته: “سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري”. يعني هڪ دوست ۽ ٻيو وطن، ڪنهن بي نَڪي کان ئي وسرندا. اسان جي شاعر احساس ميرل سهتي جتي حُسن جي ڪٿا ڇيڙي، اُتي سنڌ ۽ سنڌ جي مزدُور، محنت ڪش ۽ هاري ناريءَ جي ڳالهه به ڪئي آهي. اڄوڪي دور جا اڪثر نوجوان شاعر پنهنجي شعرن کي محبوب جي حُسن تائين محدود رکندا آهن. پر احساس ميرل سهتي جي ڪتابن ۾ توهان کي چَپي چَپي تي سنڌ جو ذڪر ملندو. احساس صاحب سنڌ جي ٿر واري ڪاري ڪوئلي کي “ڪارو سون” سڏيندي چئي ٿو ته:

ٿر ڪاري سونَ جي کاڻ آهي,

پر منهنجا سنڌي دلگير جيان.

احساس جي گھڻن ئي شعرن ۾ سنڌ جي خيرخواهي نظر اچي ٿي، اُنهن شعرن مان ئي پَر پوي ٿو ته شاعر پنهنجي ساڻيهه ۾ رهندڙ سانگيئڙن لاءِ لُڇي ٿو. جيئن هيٺيون شعر جيڪو منهنجي ذهن تي سدائين لامارا ڏئي ٿو شايد شاعر هِي شعر سنڌ جي درد ۾ وهنجي پوءِ لکيو آهي:

ڪير آهين تون آئين ڪِٿان، اڄ عيش ڪرين پيو؟

منهنجو سنڌي پير اُگھاڙو ڇاجي لاءِ؟

احساس ميرل سنڌ ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ به ڌڻيءَ دَر هٿ کڻي چوي ٿو ته:

رَهي سنڌ موليٰ، سلامت اسان جي.

محبت ئي آهي، ثقافت اسان جي.

هجي سنڌ ميرل، پري دشمنن کان،

ڪري شال پَروَر، حفاظت اسان جي.

احساس جي شاعريءَ ۾ همت ۽ حوصلن جا گس پڻ ڏيکاريا ويا آهن. سندس شعرن ۾ ماڻهن لاءِ نصيحتون پڻ آهن. اهڙي ئي شاعري شاعر کي اَمَر بڻائي ٿي. احساس جو ڪوبه شعر گھڻو ڪري غريب ناهي. سندس سڀ شعر شاهوڪار ۽ صحتمند آهن.