مون دهلي به ڏٺي
آفتاب سومرو
1959ع کان روزانو واگها بارڊر تي هندستاني ۽ پاڪستاني فورسز جا جوان پريڊ ڪندا آهن ۽ جهنڊن جهڪائڻ جي رسم ادا ڪندا آهن. انهن رسمن لاءِ ٻنهي حڪومتن پاران خاص جوان ڀرتي ڪيا ويندا آهن جن جون هلڪيون ڏاڙهيون (ضروري به نه آهي) ۽ ڪڙڪ وڏيون مُڇون هونديون آهن، جن جو کين خاص خرچ به ڏنو ويندو آهي. اهو تماشو ٻنهي طرفن کان مقامي ۽ غير مقامي شوق سان ڏسڻ ايندا آهن. ٻنهي پاسي زوردار نعرا ۽ هوڪا هوندا آهن. اها تقريب سج لهڻ مهل ادا ڪئي ويندي آهي. اصل ۾ اها تقريب ڀائيچاري ۽ امن کي برقرار رکڻ جي نانءُ ڪئي ويندي آهي پر دراصل اسلام ۽ ڪفر جي طاقتن جو مظاهرو لڳندو آهي. ٻنهي پاسن ماڻهو پنهنجو پنهنجو هوش، جوش جي حوالي ڪري هڪٻئي جون ڪچيون ٻوٽيون چٻاڙڻ چاهيندا آهن.
اسان وري ٻيهر تلاشي ڏيئي انڊيا جي بسن ۾ چڙهياسين. (ان وقت غالبا ٻه هزار رپيا في ٽڪيٽ هئي)، بس جي اڳيان هڪ سيڪيورٽي گاڏي هلي رهي هئي جيڪا ڪٿي ڪٿي وِسل به ڏئي رهي هئي. منجهند ڌاري اسان امرتسر ۾ درياهه مٿان ٺاهيل هڪ هوٽل تي کليل فضا ۾ مانجهاندو ڪيو، ڏاڍو خوبصورت نظارو هو، هيٺان واهه وهي رهيو هو، مٿان مختلف پاسن تي ويهڻ جون جايون هيون، هڪ اڌ دڪان به هو.
تقريبن رات ڌاري اسان دهلي پڳاسين جتي پاڪستان ايمبيسيءَ کان هڪ همراهه نثار آيل هو ان سان گڏ اسان هوٽل “جنپٿ” تي پهتاسين، هوٽل جي ڪائونٽر تي ويٺل همراهه چيو توهان جي بڪنگ ناهي، اسان پريشان ٿي وياسين هڪ ڌاريو ملڪ اهو به “هندستان” وري رات جو وقت ۽ سڄي ڏينهن جي سفر جو ٿڪ، ان وقت اسان کي اتان جي موبائل سم به نه هئي ۽ هو همراهه هوٽل جو فون به استعمال ڪرڻ نه پيو ڏي. بهرحال پاڪستان ايمبيسيءَ مان آيل همراهه همت ڪئي، ميلي جي انتظاميه سان رابطو ڪري اسان کي ٻه ڪمرا ڏياريا، اسان سامان ڪمرن ۾ رکي بسترن تي ڊهي پياسين.
25 فيبروري صبح جو هوٽل ۾ نيرن ڪري، ڪجهه ضروري سامان کڻي رڪشي ۾ “پرگتي ميدان” روانا ٿياسين جتي ڪتابن جو ميلو مچايو ويو هو، هي تمام وڏو ميلو آهي. ارشد جيئن ته اڳ ۾ به شرڪت ڪري چڪو هو ان ڪري اسان کي پنهنجي اسٽال تائين پهچڻ، رجسٽري ڪرائڻ ۾ استعمال جون ضروري شيون انتظاميه کان حاصل ڪرڻ ۾ دير نه لڳي. هي ميدان لڳ ڀڳ 150 ايڪڙ والاري تي هو اتان ورتل معلومات مطابق 1972 ۾ هن جو ۽ هتي لڳل “عالمي واپاري ميلي” جو افتتاح اندرا گانڌي (ان وقت جي وزيراعظم) ڪيو هو هن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون، پويلن، دفتر، آڊيٽوريم ۽ 18 وڏا نمائش گاهه آهن جتي مختلف نمائشون لڳنديون آهن جن کي روزانو لکين ماڻهو ڏسڻ ايندا آهن. اندر ئي اندر شٽل (ننڍيون گاڏيون) ٻارن، پوڙهن ۽ بيمارن لاءِ هلنديون آهن. اتي خاص پويلن هئا جن ۾ ٻارن جو ۽ ٽئگور ادارا جو به هال هو. هال 1 کان 6 ۾ انگريزي ڪتاب، 7 هندستان کان ٻاهران آيل، 8 ۽ 9 ۾ سماجي سائنس ڪتاب، هال 10 ۾ مقامي ٻولين جا ڪتاب، 11 ۾ هندي، 12 ۾ تعليمي مددي سامان، سي ڊي، راندين وغيره جو، 12 ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ 14 ۾ ٻاراڻا ۽ تعليمي ڪتاب. هڪڙو هال هو جنهن ۾ نجومي، جوتشي، سنياسي، جڙي ٻوٽيون ۽ ورزش وغيره جو سامان هو. اسان هال 7 ڏسي آياسين رستي ۾ ئي انيل کنا صاحب ملي ويو، هو بُڪ ٽرسٽ ۾ آفيسر آهي ۽ محمد اسلم رائو (اڳوڻو سيڪريٽري بُڪ فائونڊيشن) جو يار آهي. هن اسان کان حال احوال ورتو، ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪئي ميلي جي متعلق پروگرام ۽ ٻيو ڇپيل مواد ڏنو، پنهنجي رابطي جو نمبر به ڏنائين ته ڪهڙي مهل به رابطو ڪري سگهو ٿا. اسان اسٽال سينگاريو، پهرين ڏينهن ئي کوڙ ڪتاب کپي ويا. دراصل اتي ڪيترائي ماڻهون هن ميلي ۾ پاڪستاني اسٽال خاص طور بُڪ فائونڊيشن جو انتظار ڪندا آهن. بلڪه ڪجهه ماڻهو ميلي کان اڳ فون تي گهربل ڪتاب لکرائيندا به آهن. منجهند ٿي وئي هئي ۽ اسان کي بک به اچي تنگ ڪيو هو، سو ٻاهران ماني کائي وري اسٽال تي موٽي آياسين. هتي روز مختلف پروگرام ۽ انڊين فلمون هلنديون هيون. هن ويهين ميلي جو مک خيال يا theme “هندستاني سئنيما جا سئو سال” هو. ان حوالي سان اتي تمام گهڻا ڪتاب رکيل هئا، اڄ جي خاص پروگرامن مان “حقيقي زندگي ۽ ناٽڪ” هي انهن هستين جي ياد ۾ هو جن ناٽڪ ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ ڪينسر خلاف جدوجهد ڪئي. هن پروگرام جي خاص مهمان پارليامينٽ جي رڪن مس پريا دت هئي. هوءَ نرگس جي ڌيءَ آهي. مان پروگرامن جو جائزو وٺندو پهرين ۽ ٻي هال ۾ اسٽال ڏسندو رهيس. وڃ! اڻ کٽ سلسلو هو، اهو ته ڀلو ڪيو انتظاميه جو ٻولين جي حوالي سان الڳ الڳ جايون مخصوص ٿيل هيون جو ٿوري دير ۾ ماڻهو فيصلو ڪري پئي سگهيو ته اتي بيهجي يا اڳتي وڌجي. جيئن ته اسٽال بند ڪرڻ جو وقت 8 هو مان تقريبن 7 وڳي تائين واپس اسٽال تي موٽي آيس، واپس ايندي وقت چانهه جا ٻه ڪوپ به وٺي آيس. ارشد ٿوري دير اڳ چانهه پي ويٺو هو، سو اڌ ڪوپ چانهه جو پيتائين باقي چانهه مون آرام آرام سان پيتي ۽ ٿڪ لاهڻ لڳس. اڃان چانهه پي رهيو هئس ته مٿان کنا صاحب به چانهه ۽ بسڪيٽ موڪليا. بسڪيٽ ارشد سان ورهائيندي اها چانهه به مون پيتي. دڪان بند ڇا ڪرڻو هو بس اسٽال ۾ اندر اچڻ واري جاءِ تي رسي ٻڌڻي هئي، باقي سموري ذميواري انتظاميه جي هئي. مون کي ٿوري ڳڻتي پئي ٿي پر ارشد چيو ته هميشه هر هنڌ ايئن ئي ٿيندو آهي ۽ پوءِ بي فڪرا ٿي رڪشا ۾ ويهي هوٽل آياسين. ……(هلندڙ)……