خاص

وزيراعظم ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن خلاف بي رحماڻي ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته رمضان جي ڀلاري مهيني کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ منڊين ۾ آپريشن ڪلين اپ ڪيو وڃي، معاشي ڏکيائين ۾ ڦاٿل عوام کان جيڪو به وڌيڪ اگهه وٺي ان کي لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن وفاق ۽ صوبن ۾ ضلعي انتظاميا توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته منافعي خورن، ذخيرو ڪندڙن ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي.