خاص

وفاقي وزير دفاع خواجه آصف چيو آهي ته يورپ ويندڙ ماڻهن جي خواهش جو ڏوهارين فائدو ورتو

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي خواجه آصف وزير دفاع چيو ته يونان ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ٿيڻ واريون هلاڪتون هڪ وڏو سانحو آهن. هن وڌيڪ چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ شامل ڏوهارين جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو اسان جي حڪومت ۽ اسان جا تمام اتحادي ڏکويل خاندانن سان گڏ آهن. اصل ڳالهه اها آهي ته هي ڪاروبار بند ٿيڻ گهرجي.