محمد بن سلمان طرفان پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ جو اصل ڪارڻ سامهون اچي ويو
سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جو پاڪستان دورو ملتوي ٿيڻ جي خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، جنهن تي ماڻهو مختلف تبصرا پڻ ڪري رهيا آهن. پرڏيهي کاتي پنهنجي وضاحت ۾ چيو آهي ته محمد بن سلمان جو دورو سندس ٻين مصروفيتن سبب ملتوي ٿيو آهي، پر هو پاڪستان ضرور ايندو. سعودي عرب جا پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هوڏانهن مبينا طور تي پي ٽي آءِ ذريعن وٽان اهي افواهه پکيڙيا ويا آهن ته محمد بن سلمان جو دورو ان ڪري ملتوي ٿيو، ڇو ته آرمي چيف جي ٻن اميدوارن جو واسطو ڪنهن ٻئي فرقي سان آهي. اهي افواهه به گردش ڪري رهيا آهن ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ گارنٽي جي طور تي اهو طئي ٿيو هو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي 6 مهينن لاءِ واڌ ڏني ويندي، پر ڇو ته نواز شريف اها واڌ ٿيڻ کان انڪار ڪيو، تنهنڪري سعودي عرب ڪاوڙجي پيو آهي ۽ ان جو چوڻ آهي ته توهان پاڻ ڄاڻو، اسان ٻئي ڀيري دورو ڪنداسين، پر ذريعن وٽان مليل ڄاڻ ۾ انهن افواهن کي مڪمل طور رد ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي بي بنياد قرار ڏنو ويو آهي. سعودي سفارتخاني جي ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد بن سلمان پنهنجو دورو ان ڪري ملتوي ڪيو، ڇو ته هو ڪنهن به ريت نٿو چاهي ته پاڪستان جي موجوده حالتن اندر ان قسم جو تاثر وڃي ته مقرريءَ ۾ سعودي عرب جو ڪو عمل دخل آهي.