سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سڄو رمضان جاري رهندو، پابنديون برقرار، نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سڄو رمضان جاري رهندو. ڪاروبارن بابت پابندي جا ساڳيا حڪم برقرار رهندا نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو. ان حوالي سان هلندڙ مختلف افواهن کانپوءِ سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي وضاحت ڪئي ته هلندڙ لاڪ ڊائون رمضان جو سڄو مهينو جاري رهندو. جڏهن ته ڪاروبارن بابت 14 اپريل تي جاري ٿيل پابنديون برقرار رهنديون. جنهن تحت رمضان دوران شام 5 وڳي کانپوءِ لاڪ ڊائون ٿيندو. سنڌ حڪومت طرفان رمضان المبارڪ ۾ ڪاروبار صبح 9 وڳي کان شام 3 وڳي تائين کلندو. ڪريانه اسٽور صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين، تيار کاڌن جي فراهمي شام 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين ٿي سگهندي، روزي رکڻ وقت فراهمي نه ٿيندي. سومر کان خميس تائين ڪاروباري سرگرميون صبح 9 وڳي کان شام 3 وڳي تائين ٿينديون. جڏهن ته رمضان جي احترام بابت آرڊيننس جاري رهندو. ايس او پي تي عمل نه ڪندڙن خلاف پوليس کي قانوني ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن
