سڄي ملڪ ۾ نادرا جون آفيسون 4 مئي کان کولڻ جو فيصلو

نادرا اختيارين مطابق وزارت داخلا سڄي ملڪ ۾ ابتدائي طور تي نادرا جون 56 کان وڌيڪ آفيسون کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته 14 آفيسون اهڙيون آهن جيڪي وڌيڪ ڪجهه ڏينهن بند رهنديون. جڏهن ته اهي آفيسون به بند رهنديون جيڪي سرڪاري ادارن جي احاطن ۾ قائم ڪيون ويون آهن. نادرا آفيسون بند هجڻ ڪري احساس پروگرام تحت رجسٽريشن ۽ ٻين پروگرامن جي ڊيٽا فيڊ ڪرائڻ وارن ماڻهن کي مشڪلاتون هيون. ماڻهن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ وٺڻ لاءِ پنهنجي بايو ڊيٽا فيڊ ڪرائڻ ۾ مشڪلاتون هيون. چار مئي کان آفيسون کلي وينديون، پر نادرا عملي ۽ عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو