مراد علي شاهه، ارشاد رانجهاڻي قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري مامري جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کان وضاحت طلب ڪندي سوال ڪيا ته ڪنهن جي ايتري همت جو ڪيئن ٿي جو ڪنهن کي سرعام قتل ڪري ڇڏي. واقعي واري هنڌ ايترا ماڻهو موجود هئا ڪنهن به مقتول جي مدد ڇو نه ڪئي. ان کي اسپتال ڇو نه پهچايو ويو؟ ان جو سبب ڇا هو؟ ڇا پوليس وقت تي پهتي؟ ۽ ايف آءِ آر ڪنهن جي فرياد تي داخل ڪرائي وئي؟ ڇا ڪا گرفتاري به ڪئي وئي آهي؟ ظاهري طور تي نظر اچي رهيو آهي ته قتل ڪندڙ کي قانون جو ڪوبه ڊپ ڪونهي. واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ نوجوان ارشاد رانجهاڻي کي يو سي چيئرمين رحيم شاهه ڦورو قرار ڏيندي گوليون هڻي ماڻهن جي هجوم اڳيان قتل ڪيو هو.  رحيم شاهه جي وڊيو وائرل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ هو ارشاد رانجهاڻي مٿان گوليون فائر ڪري رهيو آهي ۽ آخر ۾ پنهنجو پستول به سندس ڀرسان اڇلائي کيس ڦورو ۽ دهشت گرد ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *