ترڪي ۽ شام ۾ تباهي واري زلزلي سبب فوتين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو
ترڪي ۾ 12 هزار 391 ۽ شام ۾ 2 هزار 992 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب سومر تي 7.8 جي شدت واري زلزلي کانپوءِ هڪ ٻيو 7.6 شدت وارو زلزلو آيو، جنهن وڌيڪ تباهي آندي. زلزلي جا لوڏا قبرص، يونان، شام، اردن، لبنان ۽ فلسطين ۾ به محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته امدادي ڪاررواين ۾ به ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ترڪي ۾ 8,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي عمارتن جي ملبي مان ڪڍيو ويو آهي. ترڪي جي صحت واري وزير موجب زلزلي سبب 32 هزار ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ متاثر علائقن ۾ 5 هزار 775 عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن، زلزلي ۾ مارجي ويلن ۾ 57 فلسطيني به شامل آهن.
شام ۾ زخمين جو انگ 8 هزار کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي، شام ۾ ملبي هيٺان دٻيل عورت ٻارڙي کي جنم ڏيڻ کانپوءِ زندگي وڃائي ويٺي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران ٻنهي ملڪن ۾ 40,000 فوت ۽ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جن ۾ 1.4 ملين ٻار شامل آهن.