اصغر خان ڪيس، فوج کي چار هفتن ۾ ملوث آفيسرن خلاف تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو حڪم

 اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ۾ جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته فوجي آفيسرن خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته انڪوائري ۾ شاهديون سامهون اچڻ بعد ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو. جنهن تي عدالت فوج جي ملوث آفيسرن خلاف چئن هفتن ۾ تحقيق مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ڪيس جو پسمنظر، آڪٽوبر 2012 ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ ٽن ججن تي ٻڌل بينچ ايئر مارشل رٽائرڊ اصغر خان جي درخواست تي 1990 جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي متعلق ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو. هن فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ 1990 واري اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ تي اڳوڻي آرمي چيف جنرل اسلم بيگ ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر جنرل اسد دراني خلاف وفاقي حڪومت کي ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو. جڏهن ته ان فيصلي تي اڃان تائين عملدرآمد نه ڪيو ويو هو. عدالتي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست به جمع ڪرائي وئي هئي جنهن کي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو نالو ڏنو ويو هو ۽ گذريل سال مئي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ٻنهي فوجي اڳواڻن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *