نئون

اسلام آباد ڌرڻو ختم، ڳاليهون ڪامياب

اسلام آباد ڌرڻو ختم، ڳاليهون ڪامياب22 ڏينهن کان ٿيندڙ ڌرڻي جي آخر پڄاڻي ٿي وئي. قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ کانپوءِ ڌرڻو ۽ ڌرڻي وارن ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ ڌرڻو ختم ٿي ويو آهي. ڪجهه دير ۾ ڌرڻي وارن پاران نيوز ڪانفرنس ٿيندي مجلس شوريٰ جي اڳواڻن جو ڌرڻي وارو پنهنجو سامان کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايڪسپريس وي ٻنهي طرفن کان کولي وئي آهي. معاهدي ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ به ڌرڻو ختم ٿي ويو. تازين خبرن موجب زاهد حامد جو استعيفيٰ منظور ڪيو ويو آهي. ٻين شهرن ۾ ڌرڻي تي ويٺلن کي گهرن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. معاهدي مطابق راجا ظفر الحق انڪوائري رپورٽ 30 ڏينهن ۾ منظر عام تي آندي ويندي. رپورٽ ۾ متعلقه وزيرن جا نالا انهن جي سيڪيورٽي جي سبب ناهن ڇاپيا ويا.