سنڌ ۾ هن وقت سرڪاري ملازمن جو پينشن ڪٽوتيءَ خلاف احتجاج پنهنجي عروج تي آهي. استاد، آفيسر، ڪلارڪ مطلب ته پهرين گريڊ کان وٺي ٻاويهين گريڊ تائين سڀ ملازم هڪ ئي صف ۾ بيٺل آهن ته جيئن حڪومت تي دٻاءُ وڌائي، پنهنجي حقن جو تحفظ حاصل ڪري سگهجي. يقينن اهو سندن جائز ۽ آئيني حق آهي ته هو پنهنجي مستقبل جي آسري، اميد ۽ آٿت (پينشن) جي حفاظت لاءِ آواز بلند ڪن، پر هن احتجاج جو هڪ اهڙو پهلو به آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌ جي مستقبل، يعني شاگردن کي گهڻو نقصان پهچائي رهيو آهي.
هن وقت نئون تعليمي سيشن شروع ٿي چڪو آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد وڏي اميد ۽ پاٻوھ سان پڙهائيءَ ۾ محو ۽ مستان هئا. نون داخل ٿيل شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ هڪ نئون جذبو پيدا ٿيو هو ۽ هڪ بهتر تعليمي سفر شروع ٿي چڪو هو، پر احتجاج جي ڪري ڪلاسن جي تالابنديءَ سبب اهو خواب ٽٽي رهيو آهي. روزانو هزارين شاگرد ڪاليجن ۽ اسڪولن جا بند دروازا ڏسي مايوسيءَ جو شڪار ٿي واپس موٽي رهيا آهن. هتي سڀ کان وڌيڪ ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته جڏهن سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ٻارَ پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي هم عمر ٻارن کي اسڪول يا ڪاليج ويندي ڏسندا هوندا ته انهن جي دلين تان ڇا گذرندي هوندي؟ اهي ٻار پنهنجي اندر ۾ احساس ڪمتري، محرومي ۽ مايوسيءَ جو شڪار هوندا ۽ هي احساس سندن ذهن کي گهرو نقصان پهچائي رهيو آهي، ڇو ته ڪالهه کان جڏهن مان پاڻ ڪاليج ڊيوٽيءَ تي ويندي پرائيويٽ اسڪولن يا ڪاليجن جي شاگردن کي علم پرائڻ ويندي ڏسندو آهيان ته روح ڏکندو آهي ۽ دل روئي پوندي آهي. سنڌ جي غريب ٻارن کان تعليم جهڙو بنيادي حق به کسيو ويو آهي. دل ۾ وري وري اهو خيال اچي رهيو هو ته ڪاش! احتجاج جو ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي ها، جنهن سان سرڪاري ملازمن جو جائز آواز به بلند ٿئي ۽ ٻارن جي تعليم به متاثر نه ٿئي.
اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته شاگرد اسان جو آئيندو آهن. جيڪڏهن سندن بنيادي تعليم متاثر ٿي ته ان جا اثر سڄي سماج تي پوندا. اها ڪيڏي نه شرم جهڙي ڳالهه آهي ته؛ ايڏي وڏي مسئلي تي به سنڌ حڪومت طرفان ڪا به سنجيده ڳالهه ٻولهه يا لچڪ نظر نٿي اچي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هو فوري طور تي پينشن اصلاحات جي نالي تي جاري ڪيل ظالماڻو نوٽيفڪيشن واپس وٺِي، سرڪاري ملازمن مان بي چيني ختم ڪري.
مان سموري استاد برادريءَ کي وينتي ٿو ڪيان ته؛ احتجاج ضرور ٿيڻ گهرجي، پر احتجاج جو طريقو اهڙو هجڻ گهرجي، جيڪو سماج جي سڀ کان معصوم ۽ بيگناهه حصي (شاگردن) کي هاڃو نه رسائي. پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين جوڙيل سڀني تنظيمن کي گڏجي اهڙو حل ڳولهڻ گهرجي جيڪو ملازمن جي حقن جي به حفاظت ڪري ۽ شاگردن جي مستقبل کي به بچائي. ڇو ته تعليم رڳو ڪنهن هڪ فرد جو نه، پر سڄي قوم جي بقا ۽ ترقيءَ جو سوال آهي.