هن ڌرتي جي گولي تي اسرائيل کانسواءِ آمريڪا جو ڪوبه دوست نه آهي. ٽرمپ ٻيون ڀيرو صدر بنجڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين ڪئناڊا تي قبضي جي وارننگ ڏني. پوءِ گرين لينڊ تي قبضي ڪرڻ جي ڳالھه ڪري دنيا کي ڇرڪائي ڇڏيائين. يوڪرين کي چيائين پنهنجي قيمتي معدنيات حوالي ڪر. يورپي ملڪن کي دفاعي خرچن ۽ ٽيرف جي نالي تي لٺ ۽ چٺ ڏيکاريائين. پنهنجي “جڳري يار” مودي سان ڦٽائي ڇڏيائين. ڏکڻ ڪوريا جو صدر وائيٽ هائوس آيو ته اهو خطرو لامارا ڏيندو رهيو ته ڪٿي زيلنسڪي جيان هن جي به ميڊيا جي سامهون بيعزتي نه ڪري. قبضي خوري جي عالمي لالچ ان قدر وحشياڻي آهي ته غزه ۾ انسانن کي ڪيڙن ماڪوڙن جيان ختم ڪري سامونڊي تفريحي مقام بنائڻ جي مڪروهه منصوبي تي وحشياڻي انداز ۾ عمل جاري آهي. پنهنجن وسيلن جو ڳچ مقدار راضپي طور ڏيڻ جي رضامند عرب ملڪن کي پنهنجي پراڪسي اسرائيل جي وسيلي ڊيڄاريو پيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته لڳي ٿو ته ٽرمپ جي دماغ ۾ هر وقت اهوئي هلندو رهي ٿو ته دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ کي ترقي جو حق ناهي، هر قسم جي سرمائيڪاري صرف ۽ صرف آمريڪا ۾ ئي هئڻ گهرجي. هونئن ته عمان، ڪويت ۽ بحرين به پنهنجو مثال پاڻ آهن، پر جيڪا ترقي ۽ امن و امان قطر، عرب امارات ۽ سعودي عرب ۾ آهي، ان کي ڏسي ڪري ٽرمپ جي وات ۾ پاڻي اچي ويندو هوندو. قطر تي اسرائيلي حملي جو صرف اهو سبب ناهي ته ڪو عرب ملڪ حملن کان محفوظ ناهي رهيو، بلڪه اهو پيغام پڻ آهي ته غير ملڪي جارحيت کان محفوظ نه رهڻ وارن ملڪن جا دولتمند شهري پنهنجي دولت گڏ کڻي “محفوظ مقام” آمريڪا ۾ لڏي اچن، پر ڇا آمريڪا سڄي دنيا تي قبضو ڪري سگهي ٿو. ٽيرف وار ۾ چين وري اهڙي ريت جهٽڪو ڏنس ته آمريڪا لڏي ويو.