سنڌ خاص ڪري حيدرآباد ۾ ڪو وقت ھو جو اسٽيج ڊرامن جو زور ھو راڻي باغ ۾ ان لاءِ جوڙايل بهترين ميدان “اوپن ايئر ٿيٽر” تي اسٽيج ڊراما ٿيندا ھئا جنهن ۾ فن ۽ فنڪارن جو نالو روشن ٿيو ۽ اسٽيج ڊرامن گهڻي ترقي ڪئي. پوءِ اوچتو اِهي بند ٿي ويا جنهن جا به ڪي سبب هئا. “ڊرامو” يوناني ٻولي مان ورتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي دلچسپ واقعو، جنھن کي کيل ۽ تماشو ڪري پيش ڪرڻ سان اھو عام ٻولي ۾ ڊرامو ٿي وڃي ٿو. انگريزي ٻولي جي وڏي نالي واري اسٽيج ڊراما لکندڙ طور مشهوري ماڻيندڙ “شيڪسپيئر” چوي ٿو، ڊرامو زندگيءَ جو عڪس آھي. وڏو ڏاھو “ارسطو” جي چواڻي موجب، “ڪنهن جو نقل ڪرڻ به ڊرامو آھي.” ڊرامو تفريح سان گڏوگڏ سماج جي سڌارن لاءِ ھڪ مضبوط پيغام به سمجهيو وڃي ٿو. حيدرآباد ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ ھڪ ڊگھي وقت وارو خال محسوس ٿيو، جنهن کي آخرڪار اسٽيج ۽ ٽيليويزن ڊرامن سان دلي ھمدردي ۽ دلچسپي رکندڙ اداڪارن محسوس ڪندي ان کي ٻيهر زنده ڪيو آهي، جنهن لاءِ اداڪار اسرار لغاري ۽ ان جي ساٿي فنڪارن جن ۾ اردو ڳالهائيندڙ اداڪار ۽ اداڪارائون، ڪھاڻيڪار توڙي ھدايتڪارن جو وڏو مثبت ڪردار ڏسجي ٿو جن پنهنجي فني خدمتن ۽ ڪاوشن سان اسٽيج کي نئون روپ ۽ زندگي ڏني آھي. ان سان گڏ “مھراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد” جي اداري ۾ به جھڙوڪر روح وجهي ڇڏيو آھي جتي ھاڻ فن جي خدمت جي مناسبت سان بهترين پروگرام ٿيڻ لڳا آھن.