دنيا ٻه قطبي نظام کانپوءِ هڪ قطبي نظام تحت هلي رهي هئي، محسوس ٿي رهيو آهي ته دنيا وري ٻه قطبي نظام طرف وڃي رهي آهي. ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي، اقوام متحده جو وجود ٿيو، مالياتي ادارا ٺهيا، نيٽو فورس ٺاهي وئي، ان کانپوءِ دنيا ٻن طاقتور ملڪن جي وچ ۾ سرد جنگ جو دور ڏٺو، جيڪا 1991ع تائين جاري رهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ لبرل انٽرنيشنل آرڊر يا پوسٽ ورلڊ آرڊر جو بنياد پيو. جنهن ۾ هر ملڪ پنهنجي علائقي جو مالڪ آهي، بين الاقوامي تعاون سان گڏجي مسئلا حل ڪرڻ ۽ ملڪن جي وچ ۾ معاشي رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو ويو ته جيئن جنگ جي گنجائش گهٽجي، پر هن وقت آمريڪا جو آزاد ۽ خود مختيار ملڪن جي مٿان حملو ۽ ان کان به اڳتي قدم وڌندي وينزويلا تي حملي کانپوءِ اتان جي صدر کي آمريڪا کنڀي وڃڻ، عالمي نظام لاءِ وڏو ڌڪ آهي.
هي حملو خالص سرمائيداراڻي سوچ تحت هڪ جمهوري ملڪ آزاد ملڪ تي ڪيو آهي. صدر نڪولس مادورو جنهن تي اهو الزام هو ته هن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي هئي ۽ اپوزيشن جو مٿس اهو الزام هو ته هن جمهوريت ختم ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي پئي ڪئي، پر هاڻي اهو کليل راز آهي ته آمريڪا ان قسم جا حملا ڇو ڪندو آهي. 2003ع ۾ آمريڪا عراق جي مٿان حملا ڪيا ۽ عراق مٿان ڪيميائي هٿيارن جو ڪوڙو الزام لڳائي سڄي دنيا کي بيوقوف بڻائي ان وقت جي عراقي صدر جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. جمهوريت جي نالي تي تباهي آڻي ملڪ کي گهرو ويڙهه جو شڪار ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ داعش جهڙا گروهه پيدا ٿيا. هن وقت نالي ماتر ته دنيا جا ملڪ آزاد چئي سگهجن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان آمريڪا جي اثر هيٺ هلي رهيا آهن. آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جهڙن ادارن جي ذريعي سرمائيدار ملڪن انهن ننڍن ۽ غريب ملڪن کي پنهنجو غلام بڻائي رکيو آهي. يونائيٽيڊ نيشن جي سلامتي ڪائونسل ۾ طاقتور ملڪن وٽ ويٽو پاور جو هٿيار آهي، جيڪو طاقت جي توازن کي خراب ڪري ٿو. ان جي باوجود به ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمريڪا جي انهيءَ غير اخلاقي قدم تي احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا آهن. خود آمريڪا جي اتحادي يورپي ملڪن ۾ به احتجاج ٿيا آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اجلاس جاري آهي ۽ روس ۽ چين جو موقف اهو آهي ته آمريڪا جو اهو قدم گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي آهي. آمريڪا جي هن قدم کڻڻ کانپوءِ اصل ۾ دنيا کي اهو خطرو آهي ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ جيڪي ننڍا ملڪ آزاد ٿيا يا جن جو ڌار وجود قائم ٿيو اهي جن پهرين خطن سان ڳنڍيل هئا اهي انهن مٿان حملو ڪري انهن جي آزاديءَ کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.
اصل ۾ آمريڪا جو کنيل هي قدم هڪ سرمائيدار جو قدرتي وسيلن جي مٿان قبضو ڪرڻ آهي. هن وقت آمريڪا جي معيشت قرضن تي هلي رهي آهي ۽ هو پنهنجي ڪرندڙ ساک ۽ معيشت کي بچائڻ لاءِ اهڙي داداگيري ڪري رهيو آهي. آمريڪا جي ڪوشش آهي ته هو چين ۽ روس جي طاقت کي گهٽائي سگهي. انهيءَ ڪري وينزويلا جي قدرتي وسيلن مٿان قبضو ڪرڻ جي لاءِ ٽرمپ وينزويلا تي حملو ڪيو آهي. ڇو ته اهو ملڪ هن وقت تيل جو واپار ڊالر جي بجاءِ ٻين ڪرنسين ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن تيل جا وڏا واپاري ملڪ ڊالر جي ڏي وٺ ختم ڪري ڇڏيندا ته آمريڪا جي معيشت کي تمام گهڻو ڌڪ لڳندو. هن وقت وينزويلا وٽ سڀ کان وڌيڪ تيل جا ذخيرا آهن. هن حملي کانپوءِ هاڻي اهي ذخيرا آمريڪا استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. آمريڪا جي هن حملي کانپوءِ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڪابه حيثيت نه رهي آهي ۽ دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي آهي، ان ورهاڱي ۾ اڃان به وڌيڪ تيزيءَ جا امڪان آهن.
افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته نه صرف طاقتور ملڪ، بلڪه آزاد ملڪن جي اندر به سرمائيداراڻي سوچ تمام گهڻي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. جن ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان به شامل آهي. حڪومتون عوام کي فائدو ڏيڻ جي بجاءِ انهن صنعتڪارن کي سبسڊيون ڏئي رهيا آهن. هڪ عام پورهيت هڪ عام ماڻهو ۽ ننڍي طبقي جي سرڪاري ملازم تي ٽيڪسن جو بار وڌي رهيو آهي. سڄو فائدو هائوسنگ اسڪيمن ۽ بينڪاري جي ذريعي اشرافيه کي ڏنو پيو وڃي. ملڪ ۾ مزدورن، پورهيتن، هارين جي لاءِ ڪي به اهڙا منصوبا اسان کي هلندي نظر نه ٿا اچن، جيڪي عوام جي زندگين کي تبديل ڪري ڇڏين. سرمائيداري سوچ دنيا کي تباهي طرف وٺي وڃي رهي آهي، سرمائيدار لاءِ جبل، ڍنڍون، درياءَ، مٽي ۽ ٻيا خوبصورت منظر سڀ وسيلا آهن، جن کي هو پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. هن وقت چين پنهنجي حڪمت عملي سان گڏيل حصيداريءَ سان ترقي وارو بيلٽ روڊ انيشيٽو ٺاهي سڄي دنيا کي ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪري ايشيا، آفريقا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ رستا، بندرگاهون ۽ ريلوي لائينون وڇائي رهيو آهي، پر ان جي ابتڙ آمريڪا هميشه کان ننڍن ۽ ڪمزور ملڪن جي وسيلن مٿان ڪوڙا الزام لڳائي حملا ڪري انهن جي وسيلن تي قابض ٿيو آهي. اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ به سرمائيداري نظام جي رفتار کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن ملڪ کي دهشتگرديءَ جو خطرو آهي ساڳئي ئي وقت ملڪي نظام کي سرمائيداري نظام کان به خطرو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ طاقت جي زور تي اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو آمريڪا وينزويلا سان ڪيو آهي. هن وقت سڄي دنيا سان گڏوگڏ آمريڪا کي به پنهنجي تعليمي نظام کي تبديل ڪري هڪ اهڙو نظام قائم ڪرڻ گهرجي جيڪو سرمائيداراڻي سوچ کي گهٽ ڪري سگهي، ان جو آغاز نيويارڪ جي ميئر جي چونڊ ۾ زوهران ممداني جي صورت ۾ ٿي چڪو آهي. اسان کي به پنهنجي اسڪولن کان وٺي يونيورسٽي جي تعليمي نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان پنهنجي نظام کي سرمائيداري نظام جي هٿ ور چڙهڻ کان بچائي سگهون.