نظام شمسي ڪائنات جي ان عظيم تخليق جو هڪ ننڍڙو ۽ جاندار حصو آهي جنهن ۾ هم آهنگي ۽ تنظيم جو جمال آهي. اهو نظام نه رڳو فلڪياتي سائنسدانن لاءِ تحقيق جو مرڪز آهي پر فڪر جي گھرائي لاءِ ھڪ محور به آهي. سج جي مرڪزي حيثيت ان جي چوڌاري ڦرندڙ ڌرتيءَ ۽ ٻين سيارن جي حرڪت ڄڻ ته زندگي جي حقيقتن ۽ ڪائناتي اصولن جو آئيني عڪس پيش ڪن ٿيون.
سج جيئن نظام شمسي جو مرڪز آهي ائين ئي انساني زندگي ۾ مقصدن ۽ خيالن جي مرڪزي حيثيت آهي. سيارا جيڪي سج جي چوڌاري پنهنجي مدار ۾ ڦرن ٿا، ڄڻ زندگيءَ جي انهن لاڳاپن ۽ حالتن جو استعارو آهن جيڪي اسان جي وجود کي هڪ ترتيب ۽ نظم بخشن ٿيون. هر سيارو پنهنجي خاصيتن ۽ فطرت سان مختلف آهي، بلڪل ائين جيئن هر انسان پنهنجي ذات ۽ سوچ ۾ منفرد آهي.
چنڊ ۽ ڌرتي جو رشتو جيڪو مختلف حالتن ۾ تبديليون آڻي ٿو، ڄڻ انساني احساسن جي اڀار ۽ زوال جو فلسفو آهي. سج جي روشني زندگي جي علامت آهي، جيڪا پنهنجي توانائي سان نه صرف ڌرتيءَ تي زندگي کي سهارو ڏئي ٿي پر باقي نظام لاءِ به روشني ۽ طاقت جو ذريعو آهي.
نظام شمسي اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته ڪائنات ۾ هر شيءِ جو پنهنجو هڪ مقصد ۽ جاءِ آهي. هر شئي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪري هڪ وڏي تصوير جو حصو بڻجي ٿي. جيڪو زندگيءَ ۾ صبر، نظم ۽ پنهنجي حيثيت کي سمجهڻ جي تلقين ڪري ٿو.
28 فيبروري 2025 هڪ نادر ۽ دلچسپ رات هوندي. هڪ اهڙو لمحو جڏهن دنيا جي نظام شمسي جا ست سيارا هڪ قطار ۾ نظر ايندا ۽ آسمان ۾ هڪ ڪائناتي شاهڪار پيش ٿيندو. سائنس جي دنيا ۾ اهو نظارو نه رڳو ڏسڻ لاءِ شاندار هوندو، پر ان جو اثر به انتهائي گھرائي سان محسوس ڪيو ويندو.
ڪائنات جي وسيع فضا ۾ هر شيءِ پنهنجي جڳھ ۽ ترتيب ۾ قائم آهي. سيارن جي قطار هڪ علامت آهي، هڪ ڪائناتي سرگوشي جيڪا اسان کي ياد ڏياريندي آهي تہ ترتيب، هم آهنگي ۽ تسلسل هر شيءِ جي بنياد ۾ شامل آهي. سج جي چوڌاري سيارن جي مختلف رفتار، فاصلا ۽ مدارون پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جادوئي طريقيڪار آهن.
عطارد پنهنجي تيز رفتاري سان صرف 88 ڏينهن ۾ سج جي چوڌاري پنهنجو مدار پورو ڪري ٿو جڏهن ته نيپچون کي ساڳي ڪم لاءِ تقريبن 165 سال لڳن ٿا. پر جڏهن اهي سڀئي سيارا هڪ قطار ۾ اچي ويندا آهن، ته اهو منظر ڪنهن شاعري کان گهٽ ناهي. ڇا اها ترتيب اسان کي ڪائنات جي اندروني نظم ۽ انسان جي زندگيءَ لاءِ سبق نہ ڏيندي آهي؟
اونداهي رات ۾ جڏهن اسان آسمان ڏانهن ڏسون ٿا تہ هر سيارو هڪ داستان بيان ڪري ٿو. جينيفر ميلارڊ، هڪ فلڪيات دان، جو چوڻ آهي: “جڏهن توهان پنهنجين اکين سان سيارن کي ڏسندا آهيو ته اهي توهان تائين پهچڻ لاءِ اربين ڪلوميٽر جو سفر ڪري چڪا آهن.” اها ڳالھ انساني وجود جي ناپائيداري کي ياد ڏياريندي آهي ۽ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ڪيئن روشني، وقت ۽ فاصلن جو جادو انسان جي روح کي ڇُهي سگهي ٿو.
جڏهن به ڪائناتي واقعا ٿين ٿا ته انسان فوري طور تي سوال ڪندو آهي: “ڇا انهن ترتيبن جو اسان جي زندگيءَ تي ڪو اثر آهي؟” سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي ته سيارن جي گڏيل ڪشش شايد سج جي شمسي سرگرمين تي اثرانداز ٿئي ٿي پر ان جو ڌرتيءَ تي ڪوبه واضح ۽ سڌو اثر نه آهي.
پر جيڪڏهن اسان گھري نظر سان ڏسون ته اهڙن واقعن جو اثر انساني شعور تي ضرور ٿيندو آهي. هي نظارو اسان کي ياد ڏياريندو آهي تہ اسان ڪائنات جو هڪ ننڍڙو حصو آهيون ۽ اسان جي زندگيءَ جو هر لمحو ان ڪائناتي هم آهنگيءَ سان جڙيل آهي.
فلڪيات جو هي دلچسپ نظارو اونداهي راتين ۾ بهترين ڏسڻ ۾ ايندو. ناسا جي رپورٽن موجب، جنوري ۽ فيبروري دوران وينس، مريخ، مشتري ۽ زحل اگهاڙي اک سان ڏسڻ ۾ ايندا، جڏهن ته يورينس ۽ نيپچون کي دوربين ذريعي ڏسڻ جي ضرورت پوندي. 28 فيبروري جي رات جڏهن عطارد به انهن سيارن سان گڏ ٿيندو ته اهو نظارو هڪ يادگار لمحو بڻجي ويندو.
ماهرن جو مشورو آهي ته سيارن جي هن ترتيب جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ اونداهي ۽ آلودگي کان پري علائقن ۾ وڃو. جيڪڏهن توهان هڪ دوربين يا اسٽار چارٽ ايپ استعمال ڪيو ته توهان ان منظر کي وڌيڪ گھرائي سان ڏسي سگھو ٿا ۽ شايد زحل جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ مشتري جا چنڊ به توهان جي نظرن کي خوش ڪري سگهن.
سيارن جي قطار نه صرف هڪ سائنسي واقعو آهي، پر هڪ فلسفيانه سبق پڻ. هي منظر اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته ڪائنات ۾ هر شيءِ هڪ ترتيب، هڪ مقصد ۽ هڪ منطق سان جڙيل آهي. انساني زندگيءَ ۾ به جڏهن هم آهنگي، تسلسل ۽ ترتيب پيدا ٿئي ٿي ته اسان پنهنجن مقصدن تائين پهچي سگھون ٿا.
هي قطار اسان کي اهو پڻ سيکاري ٿي ته ڪائنات جي هر ننڍڙي شيءِ خواهه اها هڪ سيارو هجي يا انسان، هڪ وڏي تصوير جو حصو آهي. جيڪڏهن سيارن جهڙا عظيم اجرام پنهنجي جڳھ تي قائم رهي سگهن ٿا ته پوءِ انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇو نه سڪون، ترتيب ۽ مقصد پيدا ڪري سگهي؟
28 فيبروري جي رات، جڏهن ست سيارا هڪ قطار ۾ هوندا ته آسمان هڪ ڪائناتي آرٽ گيلري ۾ تبديل ٿي ويندو. هي نظارو اسان کي ان ڪائناتي حقيقت سان جوڙيندو ته اسان سڀئي، ڪنهن نہ ڪنهن طريقي سان هن عظيم نظم جو حصو آهيون.