بلاگنئون

۽ جڏهن آزادي اڻٽر بڻجي وڃي…

ملڪ، قوم ۽ آزادي ٽئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم هوندا آهن. جڏهن سوچون قيد ٿي وڃن انساني جذبا لتاڙيا وڃن بنيادي حق غصب ڪيا وڃن حق ۽ سچ جي پرچارڪ کي صعوبتون برداشت ڪرڻيون پون تڏهن انسان آزادي جي خواهش رکڻ شروع ڪندو آهي. ڇو ته خالق کيس آزاد پيدا ڪيو آهي ۽ غلامي سندس لاءِ گار مثل هوندي آهي. آزاديءَ کانسواءِ انسان اڌورو ھوندو آهي، ڇو ته آزادي نعمت هوندي آهي ۽ نعمت کان محروم ماڻهو پنهنجي ديس ۾ به ڀٽڪيل رهندو آهي. اهڙيءَ طرح آزاديءَ کانسواءِ ڪوبه ملڪ نه هوندو ۽ ملڪ بنا قوم نه هوندي. ائين قوم ملڪ ۽ آزادي ٽئي انسان لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. جڏهن انسان انفراديت مان نڪري اجتماعيت جي طرف راغب ٿئي ٿو ته کيس آزاديءَ جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو، پوءِ سندس هر قدم ملڪ ۽ قوم طرف کڄي ٿو. هو پنهنجي وسيلن جي پاڻ حفاظت ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو ۽ ڌرتيءَ طرف ميري اک کڻڻ وارن کي رڳو پنهنجو نه پر ڌرتيءَ جو دشمن سمجهي ٿو ۽ ان سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري ٿو. ڇو ته ڌرتي ماءُ مثل آهي ۽ ڪوبه غيرتمند اولاد پنهنجي ماءُ طرف ميري اک نه سهندو آهي ۽ ان جي عزت خاطر پنهنجي جان ته ڇا، پر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. قومي آزادي ڪنهن به وڃائجي ويل ملڪ جي ملڪي ۽ جاگرافيائي حيثيت ۽ صورت بحال ٿي ڪري، پر قومي غلاميءَ هيٺ آيل قوم سڀ کان پهرين پنهنجي ملڪي حيثيت وڃائيندي آهي.

ڪن حالتن ۾ ته اها پنهنجون ملڪي سرحدون ۽ جاگرافيائي حدون پڻ وڃائي ويهندي آهي ۽ قابض قوتون سندن قبضي هيٺ آيل ملڪ جون سرحدون ختم ڪري پنهنجي سرحدن سان ملائي ڇڏينديون آهن. جيئن ماضيءَ ۾ رومي شهنشاهيت، بازنطيني شهنشاهيت، ايراني شهنشاهيت، مغليا هندستان، روسي سامراجيت، يورپي سامراجيت وغيره جي قبضي هيٺ آيل انيڪ پاڙيسري ملڪن ۽ رياستن پنهنجون جاگرافيائي سرحدون وڃايون. ويجھڙ ۾ ايريٽيريا، اوڀر تيمور، بوسنيا هرزگوينيا، ڪوسووو، چيچنيا، ٿُٻيٽ (تبت)، اسڪاٽلينڊ، سنڌ، بلوچستان وغيره شامل آهن. جڏهن ڪابه رياست ڌارين جي والار هيٺ ايندي آهي ته اها پنهنجو تشخص وڃائي ويهندي آهي ۽ آهستي آهستي اها پنهنجو وجود وڃائي ويهندي آهي. ائين پنهنجو سياسي اقتدار اعليٰ ۽ پنهنجي تاريخي حيثيت تان به هٿ کڻي ويندي آهي. هن وقت اسان جي سنڌ به اهڙن غلام رياستن مان هڪ آهي. سنڌ جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن غلاميءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ڪٿي سرداري غلامي آهي ته ڪٿي سياسي غلامي آهي، وٽن نه وسيلن جي مالڪيءَ جو اختيار آهي ۽ نه قومي تعمير نه ترقي ۽ خوشحاليءَ جا پاور آهن. اسان جي جيئڻ جو واحد سهارو سنڌو درياءَ ڌارين جي قبضي هيٺ آهي، جنهنڪري ان مان پاڻيءَ بجاءِ واري پئي اڏامي. اسانجي ڪوئلي قدرتي گئس ۽ پئٽرول تي مالڪي اسانجي ڪانهي، اسان جا پيداواري وسيلا اسان کان سنڀاليا نٿا ٿين، ڇو ته اسان جا قومپرست اڳواڻ هر ٻئي ڏينهن نئين جماعت ۽ نئون گروپ ٺاهي اڪيلي سر تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ٿو، جڏهن ته ڪيترائي اڳواڻ پنهنجا ذاتي فائدا ۽ مراعتون وٺي پرڏيهه ۾ عياشيون ڪندا وتن ٿا. ان ڪري قومي تحريڪ ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ غير فائدا وٺي اسان مٿان حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، اسان پنهنجن لاتعداد مالي وسيلن هوندي به غريب آهيون، اسان شعوري طور لاچار ۽ بيوس بڻيل آهيون. گذريل هڪ صديءَ کان لاشعور واري تالي جون چاٻيون ڳولهي رهيا آهيون.

ماهر نفسيات سگمنڊ فرائڊ موجب انسان جو ذهن شعور کان لاشعور طرف ڌڪي ٿو ۽ نفسياتي مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ انسان نسل درنسل ورثي ۾ مليل جن حيواني جبلتن ID سميت پيدا ٿيندو آهي ۽ جبلتن سان مهاڏپ ڏيڻ سيکاريندو آهي. ڪارل ينگ موجب انساني لاشعور کي سمجهڻ لاءِ اسان کي تاريخ ۽ ڪلچر کي پرکڻو پوندو. فرينڪل موجب انساني لاشعور ۾ انساني ضمير به شامل آهي ان ڪري انسان کي پنهنجي ڏک ۽ تڪليف ۾ معنيٰ ڳولهڻ گهرجي. جڏهن ته ڪينڊيس پرٿ جو چوڻ آهي ته جڏهن ذهني دٻاءُ وڌي ويندو آهي ته انساني جسم لاشعور بڻجي ويندو آهي.

راز ڪهان تڪ راز رهي گا، منظر عام پي آئيگا

جي ڪا دامن اجاگر هوڪر سورج ڪو شرمائي گا

مطلب ته آزادي ڪنهن قوم جي پيشاني جو نُور هوندي آهي. اِهو نور آزاد قوم جي ماڻهن جي اکين ۾ نظر ايندو آهي. آزادي حياتيءَ جو حُسن آهي، ساهه جي سونهن آهي. جڏهن ته غلامي گند ۽ ڪوجھائپ آهي. اسان جي قوم غلاميءَ کان صرف نعري ۾ نجات چاهي ٿي، پر عمل ۾ تمام گهڻو پوئتي آهي. جڏهن آزادي ماڻڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ۽ سنجيدگي اختيار ڪرڻي پوندي آهي، ڇو ته آزادي ڪنهن به قوم جي اصل حسناڪي ۽ سرمايو هوندي آهي، جيڪي قومون غلاميءَ جي گهيڙ ۾ ڦاٿل هونديون آهن اهي محڪومي جي گھاڻي ۾ پيڙهجنديون رهنديون آهن جيڪو حشر اڄ به اسان سان ٿي رهيو آهي. اسان آزاد قومن ۾ منهن مٿي ڪرڻ جي قابل نه آهيون۔ پنهنجي مظلوميت ته وڏي واقعي بيان ڪريون ٿا، پر ظالم خلاف مسلسل جدوجهد جي حق ۾ نه آهيون جنهنڪري هر محاذ تي مار کائي رهيا آهيون. اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌارين جي قبضي هيٺ آهيون، ان ڪري قومي آزادي ۽ قوم جو وڃايل قومي تشخص بحال ڪرڻ لاءِ مخلص ٿي هڪ پليٽ فارم تي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ قابض قوتن خلاف اعلان جنگ به ڪرڻو پوندو.

ڌرتيءَ جي وارثي ڌرتيءَ واسي ئي ڪندا آهن، پر اسان وٽ وفاق جو جيڪو رونشو رچايو ويو آهي ان جي آڙ ۾ اقتداري ڌر پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سنڌ ڌرتيءَ کي ڀڳڙن جي مٺ تي ڌرتيءَ جو سودو ڪري وسيلن جو غلط استعمال ڪري رهي آهي ۽ ڌرتيءَ جي وسيلن جي بيرحماڻي ڦرلٽ ڪري قومي تحريڪ کي نقصان پهچائي رهي آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڌرتيءَ جي غدارن کي هڪ طرف ڪري قومي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ اهم قدم کڻڻا پوندا، جيڪا قوم پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي پاڻ مالڪ هوندي، اها خوشحال سڏبي. آزاد سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تاريخ، تهذيب، تمدن، ٻولي، ثقافت، ريتن، رسمن جا محافظ ٿي رهندا ۽ پنهنجي ديس جي نئين سر تعمير ڪندا.