ملڪ، قوم ۽ آزادي ٽئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم هوندا آهن. جڏهن سوچون قيد ٿي وڃن انساني جذبا لتاڙيا وڃن بنيادي حق غصب ڪيا وڃن حق ۽ سچ جي پرچارڪ کي صعوبتون برداشت ڪرڻيون پون تڏهن انسان آزادي جي خواهش رکڻ شروع ڪندو آهي. ڇو ته خالق کيس آزاد پيدا ڪيو آهي ۽ غلامي سندس لاءِ گار مثل هوندي آهي. آزاديءَ کانسواءِ انسان اڌورو ھوندو آهي، ڇو ته آزادي نعمت هوندي آهي ۽ نعمت کان محروم ماڻهو پنهنجي ديس ۾ به ڀٽڪيل رهندو آهي. اهڙيءَ طرح آزاديءَ کانسواءِ ڪوبه ملڪ نه هوندو ۽ ملڪ بنا قوم نه هوندي. ائين قوم ملڪ ۽ آزادي ٽئي انسان لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. جڏهن انسان انفراديت مان نڪري اجتماعيت جي طرف راغب ٿئي ٿو ته کيس آزاديءَ جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو، پوءِ سندس هر قدم ملڪ ۽ قوم طرف کڄي ٿو. هو پنهنجي وسيلن جي پاڻ حفاظت ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو ۽ ڌرتيءَ طرف ميري اک کڻڻ وارن کي رڳو پنهنجو نه پر ڌرتيءَ جو دشمن سمجهي ٿو ۽ ان سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري ٿو. ڇو ته ڌرتي ماءُ مثل آهي ۽ ڪوبه غيرتمند اولاد پنهنجي ماءُ طرف ميري اک نه سهندو آهي ۽ ان جي عزت خاطر پنهنجي جان ته ڇا، پر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. قومي آزادي ڪنهن به وڃائجي ويل ملڪ جي ملڪي ۽ جاگرافيائي حيثيت ۽ صورت بحال ٿي ڪري، پر قومي غلاميءَ هيٺ آيل قوم سڀ کان پهرين پنهنجي ملڪي حيثيت وڃائيندي آهي.