خاصنئون

کورواهه ڀرسان تيل ۽ گئس جو وڌيڪ هڪ ذخيرو مليو

کورواهه ڀرسان تيل ۽ گئس جو وڌيڪ هڪ کوهه هٿ آيو آهي. علائقي ۾ کوهن جو انگ 13 ٿي ويو آهي. مقامي ماڻهن کي ڪابه سهولت نه ملي سگهي. خبر موجب ڳوٺ درگاهه ملا حسن ڀرسان هڪ وڌيڪ کوهه ملڻ کان اڳ 12 ذخيرا موجود آهن. اڳ ۾ موجود ذخيرن مان سالن کان تيل ۽ گئس جي اپت حاصل ٿئي ٿي، پر قدرتي وسيلن سان مالا مال ڳوٺ ملا حسن لاءِ تيل ۽ گئس جا ذخيرا بي لاڀ بڻيل آهن. ان ڳوٺ ۾ تاريخي ماڳ به موجود آهن. ڳوٺ مان نڪرندڙ گئس وڏن شهرن ۾ ٻري ٿي پر مقامي ڳوٺاڻا سهولت کان محروم آهن. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ کي رائلٽي ۽ پروڊڪشن بونس مان پاڻي، اسپتال ۽ روڊ جهڙين سهولتن ۽ موجود تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي