خاص

سياست ۾ نظرياتي اختلاف ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجن: چوڌري شجاعت

ق ليگ صدر چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته فوج ملڪ جي محافظ آهي، ان کي خبر آهي ته ملڪ کي ڪيئن سنڀالڻو آهي، سياست ۾ نظرياتي اختلاف کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجي. چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي سان سينيئر صحافين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻو وفاقي وزير مونس الاهي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان موقعي تي چوڌري شجاعت حسين چيو ته اسان کي اڄ پنهنجي انا جي قرباني به ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ائين معاملن ۾ بهتري ايندي، سڀني کي هڪٻئي تي الزام هڻڻ بدران عوام جو سوچڻ گهرجي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ گجرات شهر مان ايم پي اي جي ٽڪيٽ جو فيصلو مونس الاهي ڪندو، هو ان تڪ مان قومي اسيمبلي ميمبر آهي. پرويز الاهي چيو ته چوڌري شجاعت اسان جو وڏو آهي ۽ خاندان جا فيصلا اهو ئي ڪندو آهي، ايندڙ 6 سالن ۾ سياست جو نقشو تبديل ٿي ويندو ۽ نوان چهرا سياست جي ميدان ۾ ايندا، ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪري وڙهنداسين. سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي مونس الاهي چيو ته چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز سمجهي ڇڏيو آهي ته شريف خاندان جا ماڻهو پٺي ۾ ڇرو هڻندا آهن، انهن تي اعتماد ناهي ڪرڻو، اسان نئين سياسي جماعت نه پيا ٺاهيون پر مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ئي چونڊ وڙهنداسين.