بلاگنئون

سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ اسان جي اجتماعي ذميواري

ايمن جمالي

ڪجھ ڏينھن کان منھنجي دماغ ۾ ھڪ ڳالھ پئي آئي ته سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ڪجھه لکان ۽ پنھنجو ذاتي فرض نڀايان، نيٺ ھمت ڪري مادري ٻولي تي هي مضمون لکيم. اھو پھريون ڀيرو لکيو آھي، ان کان اڳ مان ڪوبه مضمون نه لکيو آهي. اميد ته پڙهندڙ منھنجي ڪوتاهين کي درگذر ڪري، مقصد کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا. سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولين مان ھڪ آھي، جنھن جون پاڙون موھن جي دڙي ۽ قديم لکتن تائين پھچن ٿيون. ھيءَ نه رڳو ھند- سنڌ جي صوفين، شاعرن ۽ عالمن جو وسيلو به رھي آھي، پر ھن ۾ دنيا جي مختلف عالمن تي لکيل بيشمار ڪتاب پڻ موجود آھن. سنڌي ھڪ شاندار ٻولي آھي، جيڪا علم ادب، ثقافت ۽ فڪر جو خزانو پنھنجي اندر سموئي بيٺي آھي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ ٻين ڪيترين ئي شاعرن، اديبن پنھنجي خيالن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪري، ان کي امر بڻايو. سنڌي ٻولي صرف شاعري جي نه، پر فلسفي، سائنس، تاريخ ۽ تصوف ۾ به پنھنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو آھي.

مادري ٻولي ھر انسان جي شخصيت جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. جڏھن ٻار پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ سکڻ شروع ڪري ٿو ته ھو آسانيءَ سان جذبات، احساس ۽ خيالن جو اظھار ڪري سگهي ٿو. تحقيقن موجب اھو به ثابت ٿيو آھي ته مادري ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻار جلد سکڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ علم سان انھن جو لاڳاپو وڌيڪ مضبوط ٿيندو آھي، پر ڏٺو وڃي ته ڏينھون ڏينھن ھن مٺڙي ٻوليءَ کي ڳالھائيندڙ، پڙھندڙ ۽ لکڻ وارن جو تعداد خاص طور تي نوجوان نسل ۾ گھٽجي رھيو آھي. ان ڪري اسان کي گھرجي ته پنھنجي مادري ٻوليءَ جي بقا لاءِ ڪجھه ضروري قدم کڻون، سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل اسان جي ھٿن ۾ آھي، ان جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ اسان کي روزمره جي زندگيءَ ۾ پنھنجي مادري ٻوليءَ جي استعمال کي لازمي بنائڻ گھرجي. اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھائڻ، لکڻ، پڙھڻ ۽ واپار توڙي ٻين معاشرتي معاملن ۾ ان کي يقيني طور شامل ڪرڻ گھرجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جديد دور ۾ اسان جي مادري ٻولي تي لاتعلقي ۽ بي ڌياني جا اثر ظاھر ٿي رھيا آھن. ڪيترائي نوجوان پنھنجين جڙن کي وساري ٻين ٻولين ڏانهن مائل ٿي رھيا آھن. اھو رجحان اسان جي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ خطري جي گهنٽي آھي. اسان جي ذميواري آھي ته سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف زندہ رکون، پر ان کي ترقي به ڏيون.

پنھنجي مادري ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ اسان کي انھن ڳالھين کي پنھنجي عمل ۾ آڻڻ گھرجن:

(1) ڪيترن ئي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي کي ثانوي حيثيت ڏني وڃي ٿي جيڪا ختم ٿيڻ گھرجي، اتي سنڌي ٻوليءَ کي لازمي طور پڙھايو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل ان کان آگاهه رھي.

(2) سنڌيءَ لاءِ بلاگ، ويب سائيٽ ۽ يوٽيوب چينل ٺاھيا وڃن، جتي مختلف علمي موضوعن کي سنڌيءَ ۾ پڙھايو وڃي ۽ پنھنجا سنڌي ۾ علمي بحث مباحثا ليڪچر وغيره سنڌي چينل ۾ شامل ڪن.

(3) سنڌي ۾ آڊيو بڪ ۽ پوڊ ڪاسٽ تيار ڪيا وڃن ته جيئن ماڻھو آسانيءَ سان ٻڌي سگھن.

(4) نوجوان نسل کي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان روشناس ڪرايو وڃي.

(5) اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ تي خاص ليڪچر ۽ پروگرام منعقد ڪيا وڃن.

(6) سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ طور وڌيڪ فعال بڻائي وڃي ۽ سنڌ حڪومت ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ خاص بجيٽ مختص ڪري.

(7) سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ دورن تي، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ، شاھ جون سورميون ۽ سنڌ جا سپوت بھادر جنگجوئن تي بھترين، معياري ڊراما ۽ فلمون تيار ڪيا وڃن ۽ باقاعدگي سان سنڌي ٽي وي چينلن، يوٽيوب چينل تي نشر ڪيا وڃن.

انھن ڳالھين تي اسان سڀني کي عمل ڪرڻو پوندو تڏھن ترقيءَ يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگھنداسين، تنھنڪري اسان کي گھرجي ته سچي نيت سان انھن ڪمن ۾ لڳي وڃون ته اسان پاڻ ۽ اسان کانپوءِ ايندڙ نسل اسان کان وڌيڪ سنڌي معياري قوم بڻجي ويندا. اسان سڀني کي خبر آھي ته زبان قوم جي سڃاڻپ آھي ته اسان سڀني سنڌين تي فرض آھي ته پنھنجي سڃاڻپ کي اجاگر ڪريون.