تازو ئي پاڪستان جي لاءِ هڪ شرمندگيءَ جهڙي رپورٽ گلوبل ٽيررزم انڊيڪس (GTI) 2025 مطابق پاڪستان دهشتگرديءَ کي منهن ڏيندڙ ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي ڏيکاريو ويو هو، جيڪا يقينن پاڪستان جي بدترين امن امان واري صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان پنهنجي غير جمهوري پاليسين جي ڪري اهڙي صورتحال جو شڪار آهي جنهن جي ڪري هن وقت پاڪستان ٽين دنيا جي آفريقي بدترين صورتحال رکندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي. پاڪستان افغانستان کانپوءِ هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو اڃان تائين پوليو کي هڪ تمام وڏي امدادي رقم ملڻ جي باوجود پنهنجي ملڪ مان ختم نه ڪري سگهيو آهي ۽ هر سال ڪيترائي ٻار پوليو جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ڇا ڳالهه اتي بس ٿي وڃي ٿي؟ نه ڳالهه اڃان به اڳتي آهي.
8 مارچ 2025 تي عالمي اقتصادي فورم (WEF) جي صنفي برابريءَ متعلق رپورٽ دنيا جي بدترين ملڪن ۾ پاڪستان کي سوڊان کانپوءِ ٻئي نمبر تي ڏيکاريو آهي. عالمي اقتصادي فورم هڪ بين الاقوامي آرگنائيزيشن آهي، جنهن جو هيڊڪوارٽر جنيوا سوئيٽزرلينڊ ۾ آهي. هن جو مقصد دنيا ۾ ڪيترن ئي جاين تي ماڻهن جي تربيت ڪرڻ، مختلف سماجي ۽ اقتصادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، سماجن، حڪومتن، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي جي بهتر تربيت ۽ انهن کي آگاهي ڏيڻ آهي. هي ادارو انتهائي اهم مسئلن جن ۾ ماحوليات جي تبديلي، معاشي اڻبرابري، ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ صنفي اڻبرابريءَ جهڙن مسئلن کي ڏسندو ۽ انهن جا سروي ڪرائي انهن متعلق پنهنجون رپورٽون شايع ڪندو آهي. هن رپورٽ ۾ 146 ملڪن مان پاڪستان 145 نمبر تي بيٺل آهي. فهرست ۾ پاڪستان کانپوءِ هيٺ صرف هڪڙو آفريقي ملڪ سوڊان وڃي بچي ٿو. پاڪستان هن وقت عورتن ۽ ننڍڙن ٻارن جي لاءِ جهنم بڻيل آهي. عورتن کي برابريءَ واري حيثيت ته ٺهيو، پر کين انسان به نٿو سمجهيو وڃي. عورتن سان پنهنجي گهرن کان وٺي ظلم ۽ زيادتيون شروع ٿين ٿيون، جنهن ۾ گهريلو تشدد، زوري زبردستي شادي، عورت کي تعليم حاصل ڪرڻ جي حق کان محروم رکڻ، خاندان جي ڪنهن به فيصلي ۾ عورت کي شامل نه ڪرڻ، سندس تذليل ۽ ان کان علاوه عورت کي معاشي طور تي ڪمزور رکڻ اهي سڀ عمل آهن جنهن سان عورت اڳتي وڌڻ جي قابل نٿي رهي. هن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي به نوڪريون آهن انهن ۾، جيڪڏهن عورت ڪم ڪري ٿي ته انهن جي ادائگين ۾ صنفي اڻبرابريءَ جي هڪ واضح خليج موجود آهي. عالمي اقتصادي فورم جي رپورٽ مطابق خواتين کي مردن جي مقابلي ۾ 18 سيڪڙو گهٽ اجرت ملي ٿي. پاڪستان ۾ صرف 36 سيڪڙو خواتين معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺن ٿيون ۽ صرف 23 سيڪڙو خواتين ورڪ فورس جو حصو آهن.
جڏهن ته رپورٽ ۾ پاڙيسري ملڪ بنگلاديش 99 نمبر تي ۽ ڀارت 129 نمبر تي موجود آهي. ياد رهي ته عالمي اقتصادي فورم جي “گلوبل جينڊر گئپ رپورٽ 2023” ۾ پاڪستان کي 146 ملڪن مان 142 نمبر تي رکيو ويو هو. جڏهن ته صنفي برابري جي شرح 57.5 سيڪڙو قرار ڏني وئي هئي، جيڪا 2006ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ هئي. مٿي ذڪر ڪيل سالياني رپورٽ ۾ چار اهم ڪئٽيگرين ۾ صنفي اڻبرابريءَ جي موجوده حالت ۽ بهتريءَ جو جائزو ورتو ويو، جن ۾ معاشي شراڪتداري ۽ عورت کي مليل موقعا، تعليم جو حصول، صحت ۽ بقا ۽ شهرين جو سياسي طور تي با اختيار ٿيڻ شامل هو. ان رپورٽ ۾ پاڪستان کي علاقائي ۽ عالمي درجابندين ۾ سڀ کان هيٺ رکيو ويو هو. پاڪستان کان هيٺ صرف ايران، الجزائر، چاڊ ۽ افغانستان هئا. 2022ع ۾ پاڪستان 146 مان 145 نمبر تي هو. ان هوندي به پاڪستان گذريل ڏهائي جي دوران معاشي شراڪتداري ۽ عورت کي مليل موقعن جي انڊيڪيٽرز تي 5.1 سيڪڙو پوائنٽن جي بهتريءَ سان 36.2 سيڪڙو برابري حاصل ڪئي هئي. هن وقت پاڪستان کي جنهن صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته موجوده حڪومت ۽ اسان جا پاليسي ساز ادارا عورتن جي حقن جي لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪن، سڀني کان پهرين ته عورت جي تعليم تي هڪ ڊگهي عرصي جو پروگرام شروع ڪيو وڃي، جنهن ۾ عورت جي تعليم 100 سيڪڙو جو ٽارگيٽ رکيو وڃي، جيڪو ناممڪن هرگز ناهي. ڇوڪرين جي اسڪولن کي بهتر بنائڻ لاءِ بجيٽ مختص ڪري ان جي سختيءَ سان مانيٽرنگ ڪئي وڃي، عورتن کي ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺرائڻ لاءِ سڄي پاڪستان ۾ تعلقي سطح تي عورتن جون ڌار بازارون کوليون وڃن، جتي عورتون دڪاندار هجن ۽ عورت خريدار هجي. ان کان علاوه خواتين کي آءِ. ٽي جي ميدان ۾ تربيت ڏئي آن لائين ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ همٿايو وڃي. ان کانسواءِ مختلف ٻيون هنري سکيائون ڏيئي عورت کي هر اهو ڪم جيڪو مرد ڪري سگهي ٿو ان جي هنري سکيا ڏني وڃي، جنهن سان عورت هر ميدان ۾ ڪم ڪري پنهنجو روزگار ڪمائي سگهي. عورت معاشي طور تي مضبوط هوندي ته پاڪستان اهڙين شرمندگين کان بچي سگهندو ۽ پوءِ يقينن اميد افزا ۽ بهتر رپورٽون پاڪستان جو ڳاٽ اوچو ڪري سگهنديون.