ڪورونا جي ٽئين لهر، سڄي ملڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف تي پابندي لاڳو
وفاقي حڪومت ڪورونا جي پکڙجڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ اڄ هزارين ماڻهو اعتڪاف ۾ ويهندا ۽ عصر جي نماز کانپوءِ اعتڪاف ۾ ويهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، پر ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جي شدت ۾ اضافي کانپوءِ حڪومت سڄي ملڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. پنجاب جي اوقاف کاتي جي انتظام هيٺ مسجدن ۾ به اعتڪاف تي مڪمل پابندي آهي، مسجدن ۾ چار کان پنج ماڻهو ويهي سگهن ٿا. جمعته الوداع واري خطبي ۾ به ڪورونا ايس او پيز جو خيال رکيو ويندو.

