35 سال ملازمت آمريڪي ايئرلائن پاڪستاني جو نالو جهاز تي لکرائي ڇڏيو

شڪاگو آمريڪي يونائٽيڊ ايئر لائن 35 سال تائين ملازمت ڪندڙ پاڪستاني شهري محمد ذهين جي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس نالو پنهنجي جهاز تي لکرائي ڇڏيو. پشاور سان تعلق رکندڙ محمد ذهين رقم، گفٽ ڪارڊ ۽ ڪوبه ملڪ گهمڻ جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي. محمد ذهين ٻڌايو ته جڏهن جهاز سندس سامهون آيو ته ان جي مٿان هڪ اڇي پٽي لڳل هئي، هن اڇي پٽي کي آهستي آهستي هٽايو ته ان تي پهرين محمد پوءِ ذهين لکيل نظر آيو، اهو لمحو ان لاءِ تمام گهڻي خوشي جو هو ته سندس ايئرلائن کيس ايڏو وڏو اعزاز ڏنو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments