هي احتجاج سنڌ ڊفائينڊ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم (SDCPS) جي خلاف ٿي رهيو آهي، جيڪا نئين پينشن پاليسي آهي ۽ هيءَ پاليسي ملازمن لاءِ روايتي پينشن ۽ گريجوئيٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي آهي. نئين پاليسي تحت جيڪي ملازم پهرين جولاءِ 2024 کانپوءِ نوڪريءَ تي آيا آهن يا ريگيولر ٿيا آهن، انهن کي روايتي پينشن ۽ گريجوئيٽي نه ملندي. ان جي بدران کين SDCPS جي تحت پينشن ملندي. هن پاليسي ۾ ملازم پنهنجو 10 سيڪڙو پگهار مان جمع ڪرائيندا ۽ 12 سيڪڙو حڪومت ان ۾ ملائيندي اهو امائونٽ گڏيل تعاون واري پينشن واري فنڊ ۾ ويندو. ان پاليسي کي نافذ ڪرڻ لاءِ سنڌ سول سرونٽس ايڪٽ 1973 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جنهن تحت نوان ملازم انهن نون اصولن تحت ڪم ڪندا.
ان پاليسيءَ جو مقصد حڪومت تان بار گهٽائڻ آهي. حڪومت جو موقف آهي ته روايتي پينشن سسٽم حڪومت جي خزاني تي وڏو بوجهه آهي جيڪو وقت سان وڌي رهيو آهي. تنهنڪري نئين پاليسي سان اهو بار ملازمن ۽ حڪومت ٻنهي جي تعاون سان ورهائجي ويندو. جڏهن ته ملازمن جو چوڻ آهي ته هيءَ پاليسي انهن لاءِ مالي طور تي غير محفوظ آهي، ڇو ته پگهار مان ڪٽوتي ٿيندي ۽ بعد ۾ ملندڙ رقم به پوري طرح واضح ناهي. جڏهن ته روايتي پينشن جو حق ملازمن لاءِ هڪ بنيادي سماجي تحفظ سمجهيو ويندو آهي ۽ سرڪاري ملازم ان جي وري لاڳو ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا آهن.
هن وقت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جون اسپتالون، سرڪاري آفيسون ۽ تعليمي ادارا تالابندي ڪري بند ڪيا ويا آهن، جنهن سان شاگردن جي تعليم جو تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي سرڪاري آفيسن ۾ ايندڙ سائل پريشان آهن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ مريض رلي ويا آهن. چيو وڃي ٿو ته هن وقت صحت جي شعبي ۾ او پي ڊي جون خدمتون بند ڪيون ويون آهن صرف ايمرجنسي سروس جاري آهي جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
هي احتجاج تعليمي ادارن جي ڪجهه استادن جي تالابندي ڪرڻ کانپوءِ آهستي آهستي پکڙجي ٻين سرڪاري ادارن جي ايمپلائيز کي به پنهنجي الائنس ۾ شامل ڪندي تمام وڏي احتجاج جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ مختلف ضلعن ۾ مسلسل احتجاج، ريليون، ڌرڻا ۽ پريس ڪانفرنسون ڪيون پيون وڃن. استادن جو چوڻ آهي ته حڪومت تعليم کي هميشه پوئتي رکيو آهي ۽ هاڻي استادن وٽ جيڪو مالي تحفظ پينشن جي صورت ۾ موجود هو اهو به انهن کان ڦرڻ ٿي چاهي.
اها هڪ حقيقت آهي ته حڪومت پنهنجن خرچن کي گهٽائڻ ۾ ڪٿي به عملي طور تي ڪوبه قدم کڻندي نظر نٿي اچي. ان کان علاوه ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان تيزيءَ سان سڀني عوامي حلقن کي متاثر ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سرڪار جا ملازم سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا ۽ سرڪار جو ملازم سڀني کان وڌيڪ حڪومت کي ساليانو ٽيڪس ادا ڪري ٿو، پر حڪومت سرڪاري ملازمن جي لاءِ هڪ اهڙي پاليسي جوڙي آهي، جنهن ۾ استاد يا ٻيا سرڪاري ملازم پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن.
جڏهن ته پيپلزپارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي ان هميشه عوام دوست پاليسيون جوڙي عوام جي دلين تي حڪمراني ڪئي آهي، پر هن وقت خبر ناهي ته پيپلزپارٽي ڪهڙي طرف پير وڌائي رهي آهي، جو اها پنهنجي صوبائي اسيمبلين ۾ ويٺل ايم پي ايز جون پگهارون ته 200 سيڪڙو وڌائي ڇڏي ٿي، انهن جون مراعتون ۽ فائدا به مسلسل وڌائيندي نظر اچي ٿي، پر سرڪاري ملازمن جو پينشن جهڙو بنيادي فائدو ختم ڪري سڄي سماج ۾ هڪ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي.
هن وقت جيڪا ملڪ جي صورتحال آهي ان ۾ يقينن ڪنهن به صوبي ۾ ان قسم جو وڏو احتجاج ڪنهن به صوبائي حڪومت جي حق ۾ نه ويندو. جيئن ته احتجاج ڪرڻ عوام جو آئيني حق آهي ۽ اهو احتجاج اهي سرڪاري ملازم ڪري رهيا آهن جيڪي سرڪار جي ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا، انهن کان سندن مستقبل جا معاشي فائدا ڦرجي رهيا آهن. جنهن جي ڪري اهي سراپا احتجاج آهن.
جڏهن ته پاڪستان جي سڀني فورسز ۾ شامل ماڻهن جون پگهارون، پينشنون ۽ سهولتون هر سال وڌايون وڃن پيون پوءِ سنڌ جي عوام سان يا سنڌ جي سرڪاري اهلڪارن سان اهڙي ڏاڍائي ڇو ٿي رهي آهي؟ ان جو جواب سنڌ حڪومت کي جلد کان جلد ڏيڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت کي پنهنجي ان پاليسيءَ کي واپس وٺڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت جيڪڏهن پنهنجي بار کي گهٽائڻ چاهي ٿي ته انهن لوپ هولز کي بند ڪري جتان سنڌ حڪومت جو پئسو لڙهي ۽ ضايع ٿي وڃي ٿو. سنڌ حڪومت پنهنجو بار غريب سرڪاري ملازمن جي پينشن کي ڪٽي نٿي لاهي سگهي. پاڪستان جي ماڻهن وٽ سرڪاري ملازمتن ۾ پينشن اها واحد هڪ سهولت آهي، جنهن جي ڪري هڪ مخصوص طبقو عزت واري زندگي گذاري پنهنجن ٻارن کي پڙهائي ۽ پنهنجي پينشن جي پئسن مان پنهنجي پيريءَ جي لاءِ ڪجهه رقم جو آسرو رکي ٿو.
اميد آهي ته سنڌ حڪومت جلد ئي انهن سرڪاري ملازمن جي لاءِ عوام دوست پاليسيون جوڙي انهن سرڪاري ملازمن جون شڪايتون دور ڪندي ته جيئن جلد کان جلد تعليمي ادارن ۾ تعليمي عمل شروع ٿي سگهي ۽ عوام کي صحت جون سهولتون مهيا ٿي سگهن.