نئون

پاڪستان ۽ ڀارت ملي ڪري 30 ارب ڊالرن تائين ڪاروبار کي وڌائي سگهن ٿا

ڀارت جي هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ گهرجن ته جيئن ٻئي ملڪ پنهنجو مستقبل پنهنجي ماضي کان بهتر بڻائي سگهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويزا جي سختي کي ختم ڪري ۽ ٻنهي طرفن جي رابطن کي نرم بڻائي ٻه طرفي ڪاروبار کي 30 بلين ڊالرن تائين پهچائي سگهجي ٿو. پاڪستان جي دوري تي آيل ڀارت جي هاءِ ڪمشنر اجئي بساريا چيمبر آف ڪامرس سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ماضي جو بار کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪاروباري بنيادن تي ٻه طرفا لاڳاپا ٺاهڻ گهرجن. ان کانسواءِ ڪنهن به قسم جي جهيڙي يا جنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي ٻه ڀاڱي ٽي حصو ۽ پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي 35 سالن کان هيٺ آهي، جنهن مان فائدو وٺي سگهي ٿو. اجئي بساريا چيو ته چيمبر آف ڪامرس انڊسٽري هر ملڪ ۾ هڪ خاص حيثيت رکندي آهي، جنهن کي هڪ مضبوط لابي به سڏي سگهجي ٿو جيڪي پاليسي سازن تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا. لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ملڪ طاهر جاويد چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بار بار اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي رهي ٿي جنهن ۾ حالات بهتر ٿيندي وري خراب صورتحال ڏانهن وڌي وڃن ٿا، جنهن سان اسان وري ساڳي صورتحال ۾ اچي وڃون ٿا. اسان کي گڏجي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اهڙن حادثن ۽ حالاتن کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر انداز ٿيڻ کان بچايون، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن کي هڪ موقعو ڏيڻ گهرجي.