روس پاران آمريڪا جي سفيرن کي نيڪالي، آمريڪا ناراض

روس پاران آمريڪا جي 60 سفيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ سينٽ پيٽرز برگ ۾ آمريڪا جي سفارت خاني کي بند ڪرڻ جو اعلان اچڻ بعد آمريڪا پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو. روس جي پرڏيهي وزير  سرگئي لاوروف جو چوڻ آهي ته هي قدم آمريڪا جي روسي سفارتڪارن کي ملڪ نيڪالي بعد کنيو ويو آهي، جنهن يورپ جي ملڪن پڻ اهڙو قدم کنيو هو انهن خلاف به ساڳي قسم جي ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته گذريل مهيني برطانيه ۾ روس جي اڳوڻي جاسوس سرگئي اسڪرپل ۽ سندس ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جي الزام کانپوءِ برطانيه روس جي سفيرن کي ملڪ نيڪالي ڏني هئي جنهن تي آمريڪا به احتجاجن روسي سفيرن کي ملڪ مان نيڪال ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه يورپ جي ملڪن پڻ اهڙو قدم کنيو هو. آمريڪا جي روسي سفيرن جي نيڪالي کانپوءِ آمريڪا جو چوڻ آهي ته اسان به بدلي جو حق رکون ٿا. واضح رهي ته برطانيه جي فيصلي بعد آمريڪا سميت يورپي يونين جي ٻه ڊزن ملڪن 150 کان وڌيڪ سفارتڪارن کي ملڪ نيڪالي ڏني هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published.