پاڪستان ۾ افغان مهاجرن جي هڪ دفعو ٻيهر توسيع
وفاقي حڪومت پاران 14 لک رجسٽر ٿيل ۽ 23 لک غير رجسٽر ٿيل افغانين جي ملڪ اندر رهڻ جي مدي ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي. ان حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي حڪومت جي نمائندي ميڊيا کي ٻڌايو ته رجسٽريشن ڪارڊ رکندڙ مهاجرن کي 30 جون تائين ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت هوندي ۽ اهڙي ئي اجازت انهن مهاجرن کي ملندي جيڪي افغان شهري ڪارڊ (اي سي سيز) رکن ٿا. ياد رهي ته هلندڙ سال ۾ ٽيون دفعو افغان مهاجرن جي ملڪ اندر ترسڻ جي مدي ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي. هن کان پهرين 31 مارچ تي افغان مهاجرن جي ملڪ اندر رهڻ جو مدو ختم ٿي رهيو هو. واضح رهي ته ملڪ ۾ رجسٽر ٿيل افغان مهاجرن جو تعداد 14 لک آهي جڏهن ته ويجهڙ ۾ تمام وڏي انگر ۾ غير رجسٽر مهاجرن جو امڪان به ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪجهه وقت اڳ ڪيترائي خاندان افغانستان واپس موڪليا ويا هئا، جنهن ۾ گڏيل قومن جي اداري جي مالي سهائتا به شامل هئي.

