پاڪستاننيو‍‍ز

تعليم مڪمل ڪري ڏيهه واپس اچي وينديس: ملالا

نوبيل انعام حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگردياڻي ملالا يوسفزئي چيو آهي ته تعليم مڪمل ڪري هوءَ ڏيهه واپس اچي ويندي. هڪ انٽريو ۾ ملالا چيو ته 2012 ۽ هاڻي جي پاڪستان ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي. ملڪ ۾ شيون بهتر ٿي رهيون آهن، ماڻهو گڏجي رهيا آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ پرڏيهي ڪرڪيٽ به واپس اچي رهي آهي. هن چيو ته تعليم مڪمل ڪري هوءَ واپس اچي ويندي ۽ هتي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪم ڪندي. سندس چوڻ آهي ته هن ملڪ تي ڇوڪرين جو به اوتروئي حق آهي جيترو ٻئي ڪنهن جو آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي ملڪن کان بهتر صورتحال ۾ آهي ۽ بهتري ڏانهن وڌي رهيو آهي. اسان جي ملڪ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتان جا نوجوان متحرڪ آهن ۽ جتان جا نوجوان متحرڪ هجن ان ملڪ کي تبديلي کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته اسان کي ٻارن کي بچائڻو آهي ته انهن کي اسلام جي صحيح تعليم ڏيڻي پوندي ۽ اسلام ڪنهن به صورت ۾ هٿيار کڻڻ جي اجازت نٿو ڏئي. پاڪستان اچڻ کانپوءِ وزير اعليٰ هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ملالا چيو ته پاڪستان واپس اچڻ جو خواب هو جنهن جي باري ۾ هوءَ گذريل پنجن سالن کان سوچي رهي هئي. ملالا ٻه ڏينهن اڳ ساڍن پنجن سالن کانپوءِ ملڪ واپس آئي آهي. ياد رهي ته 2012 ۾ اسڪول کان واپسي تي ملالا کي گولي هنئي وئي هئي. ان وقت سندس عمر 15 سال هئي. هن کي عورتن جي تعليم لاءِ آواز کڻڻ تي نشانو بڻايو ويو هو. حملي کانپوءِ هن کي پاڪستان ۾ علاج کانپوءِ برطانيه موڪليو ويو هو.