اڄ جي دور ۾ نوجوان موبائل فون، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ کانسواءِ زندگي جو تصور به نٿو ڪري سگهي. ٽيڪنالاجي جتي علم حاصل ڪرڻ، رابطن ۽ سهولتن جا جديد در کوليا آهن، اتي ان جا ڪجهه خطرناڪ پهلو به سامهون آيا آهن، سائبر بُليئنگ (Cyber bullying) به انهن مان هڪ آهي. سائبر بُليئنگ سان مراد انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا يا پوءِ موبائل ذريعي ڪنهن کي ذهني تڪليف ڏيڻ، تذليل ڪرڻ، مذاق ڪرڻ يا ڌمڪائڻ آهي. نوجوانن جي ذهني صحت تي سائبر بُليئنگ جي اثرن کي سمجهڻ لاءِ نفسيات جي ماهر مبشر احمد، ڊاڪٽر فوزيه عامِر صديقي جي سربراھي ۾ حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي نجي اسڪولن ۾ نوجوان شاگردن تي هڪ تحقيق ڪئي. هن تحقيق جو مقصد اهو ڄاڻڻ هو ته سائبر بُليئنگ جو شڪار ٿيندڙ نوجوانن ۾ ڊپريشن، پريشاني، ذهني دٻاءُ ۽ خودڪشيءَ جي خيالن سان ڪهڙو لاڳاپو پيدا ٿئي ٿو؟
تحقيق مان اهو ظاهر ٿيو ته جيڪي نوجوان سائبر بُليئنگ جو شڪار ٿين ٿا، انهن ۾ ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ جي سطح نمايان طور وڌيڪ هوندي آهي. اهڙا نوجوان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪن ٿا، اعتماد وڃائي ويهن ٿا ۽ روزمره جي زندگي ۾ ذهني پريشاني جو شڪار ٿين ٿا. هي نتيجا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته آن لائين بدمعاشي رڳو آن لائين مسئلو نه آهي، پر اهو نوجوانن جي نفسياتي صحت کي سڌي ريت متاثر ڪري ٿو. جنهن ڪري آسان کي نوجوانن جي ايتري اڪثريت ڊپريشن ۾ مبتلا نظر اچي ٿي. ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ پاڻ ۾ لاڳاپيل عنصر آهن، جيڪي وقت سان گڏ نوجوانن کي وڌيڪ سنگين ذهني مسئلن ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿا.
انٽرپرسنل ٿِيوري آف سوئيسائيڊ؛ (Interpersonal Theory of Suicide Joiner, 2005)
هن نظريي موجب خودڪشيءَ جا خيال تڏهن پيدا ٿين ٿا، جڏهن ماڻهو پاڻ کي سماج کان ڪٽيل محسوس ڪري پاڻ کي ٻين لاءِ بوجهه سمجهي ٿو. سائبر بُليئنگ نوجوانن ۾ اڪيلائپ، سماجي طور رد ٿيڻ ۽ خود اعتمادي جي کوٽ پيدا ڪري ٿي، جنهن سبب نوجوان پاڻ کي غير ضروري ۽ اڪيلو سمجهڻ لڳن ٿا ۽ اهڙيون حالتون خودڪشيءَ جي خيالن کي وڌائين ٿيون. صنف جي بنياد تي ڪيل تجزيي مان معلوم ٿيو ته نوجوان ڇوڪرن ۾ ڊپريشن جي سطح ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي، جڏهن ته سائبر بُليئنگ، پريشاني ۽ ذهني دٻاءُ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچ ۾ ڪو وڏو فرق نظر نه آيو. هي نتيجا ان عام خيال کي به چئلينج ڪن ٿا ته صرف ڇوڪريون ئي ذهني دٻاءُ جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون؛ حقيقت ۾ ڇوڪرا به خاموشي سان ذهني تڪليف برداشت ڪن ٿا.
اسان جي سماج ۾ بدقسمتيءَ سان ذهني صحت بابت ڳالهائڻ کي اڃان به ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو. والدين گهڻو ڪري ٻارن جي آن لائين سرگرمين تي نظر نٿا رکن، جڏهن ته اسڪولن ۾ به سائبر سيفٽي بابت سنجيده آگاهي گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. نتيجي طور، ڪيترائي نوجوان پنهنجي تڪليف ظاهر ڪرڻ بدران خاموشي سان برداشت ڪندا رهن ٿا. هن صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسڪولن ۾ ذهني صحت بابت پروگرام، ڪائونسلنگ جون سهولتون ۽ سائبر سيفٽي جي تعليم کي لازمي بڻايو وڃي. والدين کي به گهرجي ته هو ٻارن سان دوستاڻو رويو اختيار ڪن، سندن ڳالهه ٻڌن ۽ آن لائين دنيا جي خطرن بابت کين آگاهه ڪن. ساڳئي وقت، پاليسي ٺاهيندڙ ادارن کي به سائبر بُليئنگ خلاف واضح قانون ۽ حفاظتي قدم کڻڻ گهرجن. سائبر بُليئنگ هڪ خاموش، پر خطرناڪ مسئلو آهي، جيڪو نوجوانن جي مستقبل کي متاثر ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اسان اڄ ان کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ته سڀاڻي اسان کي ان جا وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. نوجوانن جي ذهني صحت جو تحفظ صرف والدين يا اسڪولن جي ذميواري نه، پر سڄي سماج جي گڏيل ذميواري آهي.